سپتڪ

سپتڪ

سپتڪ

سپتڪ: موسيقيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سرگم جي ٻارهن ئي سرن کي سپتڪ چئبو آهي ۽ هارمونيم ۾ اهڙا ٽي يا ساڍا ٽي سپتڪ ٿيندا آهن. گويا انهن ٽن سپتڪن مان ڪنهن هڪ سپتڪ ۾ ڳائيندا آهن. ٽن سپتڪن ۾ مندر سپتڪ، مڌم سپتڪ ۽ تار يا ٽيپ سپتڪ شامل آهن. هارموينم جي نقشي مطابق ٽن سپتڪن مان هر هڪ سپتڪ 12 سُرن تي مشتمل هوندو آهي، جن مان 7 سُر اڇي رنگ ۾ ۽ 5 سُر ڪاري رنگ ۾ جڙيل هوندا آهن. سپتڪ جا اهي ٻارهن سُر، سنگيت جي ٻارهن سُرن جي آڌار تي ترتيب ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ ريت ٽن سپتڪن جي آڌار تي پوري هارمونيم ۾ جملي 36 سر ٿين، جن مان 21 سر اڇي رنگ ۾ ۽ 15 سُر ڪاري رنگ ۾ نظر ايندا. عام طور تي گائڪ رياض ڪرڻ وقت پهريون سپتڪ، يعني ’مندر سپتڪ‘ استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته محفل ۾ ڳائڻ دوران وچون سپتڪ، يعني ’مڌم سپتڪ‘ استعمال ڪندا آهن.
سپتڪ جي سُرن مان هر هڪ سُر کي سڃاڻپ طور جدا جدا نالا ڏنا ويا آهن، جيڪي نالا ترتيبوار هن ريت آهن: پهريون اڇو، پهريون ڪارو، ٻيو اڇو، ٻيو ڪارو، ٽيون اڇو، چوٿون اڇو، ٽيون ڪارو، پنجون اڇو، چوٿون ڪارو، ڇهون اڇو، پنجون ڪارو، ستون اڇو. اهڙيءَ ريت هر سپتڪ جي پڄاڻي ستين اڇي سُر تي ٿئي ٿي ۽ ان جي ڀرسان وارو سُر، جيڪو ڳڻپ جي حساب سان ته اٺون اڇو سُر هوندو آهي، پر جيئن ته ان سر کان ٻيو سپتڪ شروع ٿئي ٿو، ان ڪري اُن سُر کي ساڳيو ’پهرئين اڇي‘ سُر جو نالو ڏنل آهي ۽ اهڙيءَ ريت ان سُر کان نئين سپتڪ جي نئين سر ڳڻپ شروع ٿيندي آهي.


لفظ سپتڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو