سپورنج

سپورنج: ’سپورنج‘ لفظ جي معنيٰ آهي ’سمجھو/ قابل‘. اهو ساڃهه وند ۽ سچيتو ماڻهو، جيڪو سگھڙائپ جي فن کي سمجھي ۽ پرکي سگھي. انهيءَ کي لوڪ ادب جي ٻوليءَ ۾ ’سپورنج‘ ڪوٺيو ويندو آهي. ’سپورنج‘ پنهنجو فن نه، پر ٻين سگھڙن جو چونڊ فن ياد ڪري ڪچهرين ۾ پيش ڪندو آهي. اهو سگهڙ، جيڪو پنهنجو فن نه جوڙي ۽ ٻين سگھڙن جو فن ياد ڪري، انهيءَ فن جي سرجيندڙ جي نالي سان پيش ڪري ٿو. اهڙي سگھڙ کي ’وهائيءَ وارو‘ به چوندا آهن. لوڪ ادب جي تاريخ تي نظر وجھبي ته سگھڙن سان گڏ ڪيترا سپورنج ملندا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي عالم سان گڏ سنڌي لوڪ ادب جو ’سپورنج‘ به سڏيو ويندو آهي.


لفظ سپورنجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو