سپيئڙا

سپيئڙا: هي سپين کان ننڍا، موتيءَ واري سپ وانگر يا ان کان ڪجهه ننڍا ٿين ٿا. سپيئڙا به ٻپڙا ٿيندا آهن، جيڪي کوپن جي صورت ۾ هوندا آهن. سپيئڙي جي مرڻ کانپوءِ اهي کوپا پاڻيءَ ۾ تر وٺندا آهن. سپيءَ يا سپيئڙي جو اندريون پاسو موتيءَ واريءَ سپ وانگر صاف ۽ چمڪيلو ٿئي ٿو. سپ سمنڊ ۾ سپجي ٿي، حقيقت ۾ سپ ۽ سُپيون ساڳيا کوپن وارا جيوَ آهن. مٺي پاڻيءَ جي سپي، چوني جهڙي لڳدار شيءَ مان آنا جهلي رکندي آهي، جنهن مان ٻچا ڪندي آهي.


لفظ سپيئڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو