سچل1

سچل1

سچل1

سچل1 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامور اسڪالر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ ڌار ڌار موضوعن تي جدا جدا مضمون لکيل آهن، جيڪي هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
سچل صاحب جي حياتيءَ جو احوال، سچل جي صورت، سيرت ۽ مذهب، سچل جو رهبر عطار، سچل امن ۽ آزاديءَ جو امين، سچل جو طالب نانڪ يوسف، سچل جو عاشقاڻو ڪلام، سچل جو رندي ڪلام، سچل جو خودشناسيءَ وارو ڪلام، سچل جو تمثيلي ڪلام، سچل جو جوڳين سان عشق، سچل جي مرشد لاءِ محبت، سچل جي ڪلام ۾ شاهه وارا مضمون، ملان ۽ قاضي، سچل جو سرائيڪي اردو ۽ فارسي ڪلام، سچل جو نظم ۽ ٻولي. ڪتاب ۾ سچل سرمست جي سوانح سان گڏ سچل جي انسان دوستي واري فڪر ۽ انساني وجود جي حقيقت بابت نقطه نظر ڏنو ويو آهي. ڪرائون سائيز جي 132 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ڏيڍ روپيو آهي. هيءُ ڪتاب ڪلياڻ. بي. آڏواڻيءَ، بمبئيءَ مان 1954ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو