بحرالمحمود

بحرالمحمود (ڪتاب): هيءُ ڪتاب بزرگ، صوفي شاعر مور محمود فقير جي ڪلام تي مشتمل آهي. جنهن کي عنايت عاربي ترتيب
ڏنو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر سرمد چانڊيي لکيو آهي. جڏهن ته صوفي راڳي فقير امام الدين ڊکڻ ستاري، درگاهه فتح پور شريف جي سجاده نشين سيد سرفراز علي شاهه، فقير بشير احمد جتوئي، عاشق عارباڻي جا رايا پڻ شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي راڳ جي مختلف راڳڻين تي ڪلام آڌاريل آهي. 173 صفحن تي مشتمل پڪي جلد جي ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي اهل فقراءَ پارس پبليڪيشن لاڙڪاڻي 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو