سڻيٽي

سڻيٽي: مڇيءَ جو هڪ قسم، هيءَ مڇي مارڻ لاءِ ملاحن وٽ هڪ مخصوص ڄار هوندو آهي. جيڪو ڄار ننڍن درن لاءِ استعمال ڪبو آهي، اهو ڄار صبح جو چئن ڪلاڪن لاءِ ننڍي پاڻيءَ ۾ لاهبو آهي، جنهن کي پوءِ ساربو آهي. هن ڄار ۾ درا به ڦاسندا آهن، جيڪي مڇي جي ڦاسائڻ لاءِ ڳاهه طور استعمال ڪبا آهن.
سواري تال: هن تال جو تعلق علم موسيقيءَ جي قديمي گرنٿن سان جڙيل آهي. هي سنسڪرت جي ٻوليءَ جي عروج واري دور ۾ گائڪيءَ وسيلي تال جي روپ ۾ وجود ۾ آيل آهي. هن تال جو تعلق ڪرشن جي ڀاٽي واري دور ۾، خاص ڪري ڌرپد، هوري، ڌمار واري رنگ ۾ تال وسيلي استعمال ۾ ايندو رهيو آهي. هن کي سورهن تال جي سواري به چوندا آهن. تال سواريءَ ۾ 32 جي يعنيٰ 16 ماترن جي هر هڪ ماتري کي هڪ هڪ ماتري جي دم سان استعمال ۾ آڻبو ته 16 جي ٻيڻ جا 32 ماترا ملي پوندا ۽ هن تال کي 16 ماتري جي سواري به چوندا آهن. هن تال جون ضربون هن ريت آهن:
X تاڙي خالي تاڙي
1 5 9 13
هيٺ پهريائين تال جا ٻول پيش ڪجن ٿا:
1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
ڌي اي نا آ ڌي اِي، ڌي اِي نا آ ڌي ڌي نا ڌي ڌي نا
17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
تن ترڪٽ تن تن نا نا تُو نا ڪت تا تِرڪٽ ڌي نا ڌي ڌي نا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو