شالماڻي

شالماڻي (ذات): ‘شالماڻي’ سماٽي جت آهن، سن ڀرسان روڊ سان لڳو لڳ هن ذات جي نالي ‘شالماڻي’ سان هڪ وڏو ڳوٺ آباد آهي، جنهن ۾ شالماڻي (جت) رهن ٿا. ڪتاب ‘بلوچ قبائل’ جي صفحي 65 تي ڄاڻايو ويو آهي ته: ديري غازي خان ۾ رهندڙ لاشاري بلوچن جي هڪ پاڙي جو نالو شالماڻي آهي. ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا جو ليکڪ لکي ٿو ته لاشاري پڻ جتن سان واسطو رکندڙ آهن.


لفظ شالماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو