شاهوڪ

شاهوڪ (ذات): برفتن جي هڪ پاڙي جو نالو، هي ڪوهستان ۽ لسٻيلي ۾ رهن ٿا. هنن کي دودا پڻ چون. هن قبيلي مان مٺو شاهوڪ وڏي نالي وارو هو. هن کي قلات جي خان، خدا داد خان سونمياڻيءَ ۾ نيابت جو پروانو ڏنو هو. جنهن تي ڄاموٽن ۽ ٻُرن گڏجي هن کي قتل ڪيو هو. ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ (صفحي 502) ۾ شاهوڪ، ڄام برفت جي پٽ شاهوءَ جو اولاد ڄاڻايل آهن. شاهوڪن جا خاص پاڙا: (1) ايوب پوٽا، (2) جعفر پوٽا، (3) دائود پوٽا، (4) ڏني پوٽا، (5) لڌا ۽ (6) موسيٰ پوٽا آهن. شاهه عنات رضويءَ هن ذات جو پنهنجي شعر ۾ هن طرح ذڪر ڪيو آهي:
نم! ڪجئين نياءُ، اسانجو عنات چئي،
جنهن توکي پوکيو، آهيان ان جو وياءُ،
شاهوڪاڻي باهه، وسامي ورهين کي.


لفظ شاهوڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو