شعلهءعشق

شعلهءعشق

شعلهءعشق

شعلهءعشق (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري شاعر فيض بخشاپوريءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ‘پيش خدمت فيض بخشاپوريءَ جي شاعري’ جي سري سان مولائي شيدائيءَ لکيو آهي، جڏهن ته تمهيد ۽ مقدمو ليکڪ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ غزل، نظم ۽ قصيده شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ‘تاثرات احباب’ جي سري سان مختلف اديبن، شاعرن، ايڊيٽرن جا ليکڪ بابت رايا ڏنل آهن، جن ۾: پروفيسر رفيقي، عبدالرحمان ‘غور’، سيد مٺل شاهه مسڪين، حاجي صوڀا خان آسي، محمد رمضان مجنون، عبدالڪريم ‘تابان’، مير قيصر خان گلاٽه ڊومڪي، سردار غلام سرور خان ڊومڪي، غلام محمد ڪولاچي، سالڪ الموليٰ ۽ عبدالڪريم گدائي شامل آهن.
100 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي هيءُ ڪتاب اتحاد پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان 1958ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو اٺ آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو