شودا

شودا (ذات): سنڌ جي هڪ ذات آهي. شودا ذات جا ماڻهو ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ڪچي ۾ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. پڪي وارن علائقن ۾ پڻ سندن ڳوٺ آهن. ڪچي جي روايتن ۽ ڪلچر ۾ سندن وڏو حصو هجڻ ڪري لوڪ ادب ۾ سندن ذڪر ملي ٿو. مشهور ڪردار الڪو شودو هن ذات سان ئي لاڳاپو رکندڙ هو. الڪو شودي تي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار رسول بخش درس يادگار خاڪو لکيو آهي، جنهن مان سندس شخصيت سميت ڪچي جي معاشري تي روشني پوي ٿي.


لفظ شوداھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو