شيراني

شيراني (ذات): شيراني پشتونن جو قبيلو آهي. اصل ۾ اهي پٺاڻن جي بيتاني قبيلي جي هڪ شاخ آهن، جيڪي پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ رهن ٿا. ڪي شيراني ديره اسماعيل خان جي ٻهراڙين ۾ رهائش پذير آهن. بلوچستان جا شيراني هنن سان ڪنهن به واسطي ۾ ڪونه آهن. انهن جو قبيلو الڳ آهي. سيد امين ميرزئي جي چوڻ موجب ‘شيراني’، هن قبيلي جي وڏي جو نالو هو، جنهن کي چار پٽ هئا. ابوبڪر، حسن، محڙل ۽ ڪيف. انهن منجهان ئي شيراني قبيلو وڌيو آهي. بمبئي گزيٽيئر موجب چار سئو سال اڳ هنن برگها نالي هڪ غير آباد علائقي تي قبضو ڪري ان کي آباد ڪري رهائش اختيار ڪئي. هي علائقو پاڪستان جي اتر وارن علائقن ۾ اچي ٿو. برگها شيرانين جي سردارن ۾ عجب خان شيراني مشهور هو.
اوڻيهين صديءَ ۾ هي اتر اولهه پنجاب جي سرحدي علائقن ۾ رهندا هئا. جيڪو پوءِ نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس (NWFP) جي نالي سان مشهور ٿيو. انگريزن ئي انهيءَ خطي کي شيراني ايجنسيءَ جو نالو ڏنو. شيراني ايجنسي 3900 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هئي. 1901ع جي آدمشماريءَ موجب هتي 12371 ماڻهو رهندا هئا. انگريزن جي دور ۾ شيراني قبيلو ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هڪڙا لرگها شيراني، جيڪي انتظامي طور ديره اسماعيل خان جي ڪنٽرول ۾ هئا ۽ ٻيا برگها شيراني، جيڪي شيراني ضلع ۾ رهندا هئا. ورهاڱي سبب اهي ٻئي قبيلا هنزه جي آزاد رياست جي هٿ هيٺ هئا. 2006ع ۾ شيراني ضلعو ٺاهيو ويو. شيراني هندستان جي به ڪيترن ئي علائقن ۾ آباد آهن. گهڻو ڪري راجسٿان ۾ ناگور ضلعي ۾ سندن آبادي گهڻي آهي. ان کان سواءِ برنيل، بينيباد، رانتا، حامدپور ۽ ڊوگاري ڳوٺن ۾ به سندن آبادي رهي ٿي. ڪجهه شيراني بلوچستان جي تخت سليمان ۾ وڃي وسيا ۽ گومل پاس، زمري، وزير قبائل ۽ ديره اسماعيل خان جي علائقن ۾ به هنن جي رهائش آهي. هن وقت شيراني، بلوچستان ۽ زوب جي علائقن ۾ رهن ٿا. مشهور شاعر اختر شيرانيءَ جو تعلق به هن پاڙي سان هو. جنهن جو والد حافظ محمود خان شيراني به پنهنجي وقت جو وڏو ليکڪ هو، جنهن کي اردو اڪيڊمي داستان اوارڊ به عطا ڪيو هو. هاڻي هي خاندان ڪراچي، سنڌ ۾ رهي ٿو.


لفظ شيرانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو