ٽنگڙي

ٽنگڙي: ٽنگڙي ذات جا ماڻهو ٿرپارڪر ۾ رهن ٿا. هنن لاءِ چيو وڃي ٿو ته پنوار راجپوت آهن ۽ ڪي کين ’جتن‘ مان ليکيا وڃن ٿا. ٽالپرن جو به هڪ پاڙوٽنگڙي“ آهي. رسين مان ٺاهيل ٽنگڙي، جيڪا اُٺ جي پُٺيءَ تي ٻڌي، اُن هڪ ڇيڙي ۾ ورت اٽڪائي، کوهه مان پاڻي ڪڍيو ويندو آهي. اها ٽنگڙي ٿرپارڪر ۾ اونها کوهه هجڻ ڪري، اتي گهڻو استعمال ڪئي ويندي آهي.


لفظ ٽنگڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو