پروهت

پِروهِتُ: خانداني برهمڻ. ڪنهن ڪٽنب جو مقرر ڪيل ٻائو، جيڪو انهيءَ ڪٽنب جا سڀئي ڏڻ وار ڪم ۽ ساٺ سڳڻ پورا ڪرائيندو آهي. پروهت، گهڻي ڀاڱي هندو ڌرم وارن جا ڪريا ڪرم ڪندو آهي. موهن جي دڙي مان مليل هڪ مجسمي کي ”ڪنگ پريسٽ“ يا ”مها پروهت“ پڻ سڏيو ويندو آهي، جنهن جي ڪلهن تي ٽِڦَلي اجرڪ پاتل آهي.


لفظ پروهتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو