پشين2

پشين2: اٺ جو هي نسل اصل بلوچستان جي علائقي پشين جو هجڻ جي ڪري سنڌ ۾ پشين سڏيو وڃي ٿو. هي اٺ پشين ۽ ڪوئيٽا ۾ پاليو وڃي ٿو. هي رنگ ۾ گهرو ناسي ۽ ڳاڙهاڻ مائل ٿئي ٿو. هن جو بدن مضبوط، ڳچي ٿلهي ۽ ٿوهو اڀريل هوندو آهي. هن کان مال برداريءَ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. رٻاڙين جي چوڻ مطابق هن نسل جي اٺن جي اڃ سهڻ جي قوت مدافعت ويهه ڏينهن ٿئي ٿي، بعد ۾ هن جي نظر گهٽ ٿئي ٿي. هڪ اندازي مطابق ٽيهن ڏينهن کان پوءِ سندس موت واقع ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو