پلي1

پَلِي1: سمن جي هڪ ذات، جنهن جو نسب هن طرح ڳڻيو وڃي ٿو: پَلي پٽ سمون، پٽ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمو پٽ انڙ پٽ لاکو، پٽ لاکيار پٽ اوڍو پٽ اوڍار پٽ نيٽ پٽ نوتيار پٽ لواڪس پٽ وام پٽ دسرت. رائڌڻ کي 9 پٽ ٿيا: (1) سمون، (2) ابڙو، (3) چنيسر، (4) منهي،(5) نوتيار، (6) ڏاهر، (7) هنڱورو،(8)لاکو ۽ (9) پلي، نهڙيا ۽ راهمون ان جي نک آهن. ٻيون به گهڻيون ذاتيون پليءَ مان ڦٽن ٿيون.
پلي عمرڪوٽ ضلعي ۾ ’ٿرواهه‘ تي اڪثريت سان آباد آهن ۽ ناري جا نواب سڏيا ويا آهن. هن راڄ جا ڪجهه گهر ٽنڊي الهيار، بدين ۽ دولتپور صفن ۾ پڻ آهن. پلي ذات جي اڪثريت حضرت غوث بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَرح جي مريد آهي ۽ ڪجهه خاندان مٽيارين جي سرهندي پيرن جا مريد آهن. پلي راڄ ۾ وڏا ڏاها، اڪابر، اديب، شاعر، پهلوان، سخي، مدبر، امير، خانصاحب، خانبهادر، آزاديءَ جا اڳواڻ ۽ مجاهد، ولي، بزرگ، اديب، شاعر ۽ نيڪ سيرت انسان پيدا ٿيا آهن.
سماٽ جي شجري ۾ ”درس پليءَ“ کان سواءِ پلي نالي وارا ٻيا بزرگ مختلف دؤرن ۾ گذريا آهن، جيڪي سڀ راءِ- رائڌڻ تائين اچي ملن ٿا. اهي شجرا هن طرح آهن:
(الف) پلي پٽ هالو پٽ ساند پٽ پلي ڄام پٽ راءِ رائڌڻ.
(ب) پلي ڄام پٽ راءِ رائڌڻ پٽ ڪاڪو پٽ سمون پٽ لاکو پٽ انڙ پٽ لاکو پٽ لاکيار پٽ اوڍو.
(ج) پلي پٽ ڏيرو پٽ مناهين پٽ ٿيٻو پٽ انڙ پٽ سمون پٽ راءِ راائڌڻ.
(د) پلي پٽ ڳاهو پٽ جوکيو پٽ ٿيٻو پٽ انڙ پٽ سمون پٽ راءِ رائڌڻ.
(هه) درس پلي درويش پٽ ڀاڻو پٽ ڪرن پٽ ابڙو پٽ ڀيمسين پٽ جکرو پٽ ڄام هالو پٽ جوڻجو پٽ مناهي پٽ ڏيرو پٽ ٿيٻو پٽ سمون پٽ راءِ رائڌڻ.
مٿئين شجري ۾ پلي ولد ڳاهي جو اولاد ”پلي پوٽا“ سڏجي ٿو. پلي پٽ ڄام هالو اهو شخص آهي، جنهن ڄام هالي جي قيادت ۾ همير سومري سان جنگ ڪئي، ۽ سنڌيءَ ۾ سندس نالي ڪيتريون ئي ڳاهون آهن. سندس اولاد پليجار جا سما آهن. اهڙيءَ طرح پليجا ذات به هنن مان ڪنهن ’پليءَ‘ جو اولاد آهن. سماٽ جي هڪ ذات ’پلهه‘ آهي، پر اهي راءِ- رائڌڻ جي شجري ۾ آهن.
ويجهي ماضيءَ ۾ پلين ۾ مشهور ماڻهو خانصاحب عطا محمد پلي هو، جنهن جي پٽن مان عبدالڪريم ”ڪريم“ پلي، راڄ محمد پلي ۽ وفا پلي مشهور شاعر ٿي گذريا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو