پليجار

پليجار: ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي، پليجار بابت ڄاڻايو آهي ته: ”هي پرڳڻو تمام قديم آهي. ڪڪرالي جي ڄام واري دؤر 1037هه/ 1627ع ۾ پڻ پليجار جو پرڳڻو موجود هو. پليجار پرڳڻي جو مشهور بزرگ درويش راڄو ستيو دل هو. ان بابت اهو مشهور آهي ته جيڪي چوندو هو، سو ٿي پوندو هو. درويش راڄي جي وفات 977هه/ 1569ع ۾ ٿي ۽ پليجار ۾ سندس درگاهه آهي. پليجار پرڳڻي جي ڳوٺن مان مشهور ڳوٺ دٻو آهي، جنهن ۾ سيد ڦتو، وقت جو پير ۽ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.“


لفظ پليجارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو