پليجا1

پليجا1: هيءُ قبيلو سنڌ ۾ سماٽ نسل مان آهي، جنهن جي نسل جو سلسلو سماٽ نسل جي وڏي ڏاڏي رائڌڻ سان ويهينءَ پيڙهيءَ ۾ ملي ٿو.
پَلِي، پَلِي جو، پَلِي- پوٽو ۽ پَلهه هن قبيلي جون چار شاخون يا نُکون آهن، جيڪي وقت جي گذرڻ ۽ سماجي حالت ۾ تبديليءَ جي تقاضائن موجب جدا قبيلا يا ذاتيون سڏجن ٿيون. اهي چار ئي قبيلا هندستان ۾ به موجود آهن. سنڌ ۾ پلي قبيلي جي اڪثريت ضلعي عمرڪوٽ ۾ آهي. پلي پوٽا ضلعي دادوءَ ۽ ضلعي خيرپور ۾ اڪثريت ۾ رهن ٿا. پلهه قبيلو پڻ دادوءَ ۽ خيرپور ضلعن ۾ گهڻائيءَ ۾ آهي. البته پليجا ضلعي ٺٽي ۾ اڪثريت ۾ رهن ٿا. تنهن کان سواءِ سندن ڪجهه تعداد ضلعي حيدرآباد، دادوءَ ۽ لاڙڪاڻي ۾ به موجود آهي. ماضيءَ ۾ شاهه عنايت جهوڪ واري جي جنگ ۾ نور محمد پليجي جو مخالف ڪردار ملي ٿو، جيڪو مغلن جو طرفدار هو. هن وقت ناميارو سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجو، پ پ اڳواڻ غلام قادر پليجو، سندس نياڻي هاڻوڪي صوبائي وزير ثقافت، سسئي پليجو، عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو ۽ ارباب نور محمد پليجو (مرحوم) ۽ عبدالحئي پليجو هن ذات وارن مان مشهور شخصيتون آهن.
پليجا، پلي پوٽا ۽ پلي پنهنجو اڳواڻ ٻني ضلعي ٺٽي واري ارباب نور محمد پليجي جي خاندان کي تسليم ڪن ٿا. پليجا قبيلو مخدوم نوح رح جي مريدن ۾ شامل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو