پوپ

پوپ: پوپ (Pope) عيسائين جو اعليٰ روحاني پيشوا هوندو آهي. عيسائين جي روحاني پيشوائن ۾ پهرين بشپ (Bishop)، پوءِ ڪارڊيئل (Cordial) ۽ آخر ۾ پوپ (Pope) چونڊبو آهي. سڄيءَ دنيا جي عيسائين جو پوپ هڪ ئي هوندو آهي. سورهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري رومن ڪئٿولڪ ڪليسا جو قائم ٿيل سرشتو، ’نشاط ثانيه‘/ نئين جاڳرتا (Renaissance) جي زور وٺڻ ڪري ڌُڏي رهيو هو. ڪليسا اڳي ئي اندروني بدعنوانين جي ڪري ڪمزور ٿي چڪي هئي، ان ڪري محسوس ٿي رهيو هو ته اها ’نئين سجاڳي‘ جي سٽ نه سهي پٽ اچي پوندي.
عيسائين جا اڄ تائين 16 پوپ چونڊجي چڪا آهن.


لفظ پوپھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو