پين1

پين1

پين1

پين1: تحرير يا لکيت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اوائلي زماني ۾ ٺڪر جي تختين کان وٺي پٿر جي چٽساليءَ تائين مختلف طريقا ڪم آندا ويندا هئا، پر جڏهن عيسائيت جو ڦهلاءُ ٿيو ته مذهبي ڳالهين، ڄاڻ ۽ تعليم کي لکت ۾ آڻڻ جي ضرورت شدت سان محسوس ٿي، ان کان اڳ سَرن جي تيلن ۽ پکين جي کنڀن جا قلم استعمال ٿيندا هئا، پکين جي کنڀن مان ٺهيل قلم جي استعمال جو ذڪر ڇهين صدي عيسويءَ ۾ اسپين جي هڪ مذهبي شخص سينٽ آئزوڊور جي تحرير ۾ ملي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ قلم بابت مختلف تجربا ٿيندا رهيا. ان کان پوءِ ڪنجهي مان ”پينون“ ٺاهيون ويون، جن بابت رومين کي ڄاڻ هئي. سڀ کان پهرين ڪنجهي مان ٺاهيل پين جو ذڪر 1465ع ۾ ملي ٿو. سورهين صديءَ جي اسپيني خطاط Juan de yciar 1548ع ۾ پنهنجي طويل تحرير لاءِ پتل جي پين جو ذڪر ڪيو آهي. 1803ع ۾ انگريـز انجنيئر ’برائبـان ڊونڪـن‘
اسٽيل جي پهرين پين ٺاهي. 19 هين صديءَ ۾ پينون تيار ڪندڙ انگريزن وليم جوزف جلوس، ’وليم مچيل‘ ۽ ’جيمس اسٽيفن پيري‘ جون ڪمپنيون مشهور هيون. 1884ع ۾ نيويارڪ جي هڪ انشورنس ايجنٽ ’ليوس واٽرمئن‘ فائونٽين پين ايجاد ڪئي، جنهن ۾ مس ڀري سگهبي هئي. 1920ع واري ڏهاڪي ۾ فائونٽين پين سڄي اولهه ۾ عام ٿي چڪي هئي، ان جو اوج ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ بال پوائنٽ پين جي متعارف ٿيڻ تائين رهيو.
بال پوائنٽ پين: 1938ع ۾ هنگريءَ جي هڪ شخص ’جارج برو‘ (George Brio) بال پوائنٽ پين ايجاد ڪئي. ان جي منهن وٽ ڦرندڙ بال نما بناوت هئي. هن پين لاءِ آئل مان تيار ڪيل گهاٽي مس استعمال ڪئي وئي، جيڪا واٽر پروف هئي ۽ ڊهي به نه سگهندي هئي. هن پين جا اڄ تائين ڪيترائي نمونا ايجاد ٿي چڪا آهن.
فائبر ٽپ پين: 1963ع ۾ آمريڪا ۾ فائبر ٽپ پين يا مارڪر متعارف ڪرائي وئي، جنهنڪري بال پوائنٽ پين جو استعمال گهٽجي ويو، پر ان کان اڳ فائبر ٽپ پين يا مارڪر هڪ جپاني شخص Yukio Horie 1962ع ۾ تيار ڪئي هئي. مارڪر ۾ برش جي لاءِ نائلون يا ڪنهن ٻئي قسم جو فائبر استعمال ڪيو وڃي ٿو. مارڪر جا به ڪيترا نمونا ايجاد ڪيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو