پهلوي

پهلوي: پهلويءَ کي ميانه فارسي يا فارسي وسطي به چون ٿا. هيءَ سرزمين ”پـارت“ جي زبـان هئي، ”پارت“ کي فارسيءَ باستان ۾ ”پَرَ ثوَ (Parthava) چون ٿا ۽ هخامنشين (550 ق.م کان 330 ق.م) جي ڪتبن ۾ به اهڙو ذڪر آهي. پَرَثَو مان مراد موجوده خراسان آهي، اشڪانين (249 ق. م کان 226 ق.م) جو خاندان به انهيءَ قوم مان هو. ان ڪري پهلوي به سندن سرزمين يعني پَرَثوَ سان منسوب ٿي ۽ اشڪانين جي زماني جي پهلويءَ ۾ سواءِ چند مختصر تحريرن جي، جن ۾ نالا وغيره شامل آهن، باقي ڪجهه به نه رهيو آهي ۽ اهو به ساساني- پهلوي سان گڏ اُڪريل آهي، جيڪو ڪتبن، سڪن، مهرن، برتنن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهي. عهدِ ساساني کان وٺي هجري سن جي ابتدائي صدين تائين پهلويءَ کي ’ميانه فارسي‘ انهيءَ ڪري به چوندا هئا. جو هيءَ زبان هخامنشين جي خاتمي ۽ اسلام جي شروعات جي وچ واري عرصي۾ رائج رهي آهي ۽ ادبي ڪتابن ۾ عام طرح سان ”فهـلـوي“ يـا ”پـهـلـوي“ لفظ سان ياد ڪئي وڃي ٿي، پر ”پهلوي“ لفظ، ساسانيءَ جي تلفظ ۾ ”پهلويڪ“ ٿيو ۽ ساساني دؤرِ حڪومت (226-652ع) ۾ ايران جي مذهبي ۽ سرڪاري زبان طور استعمال ۾ رهيو. پهلوي زبان، جنهن خط ۾ لکي ويندي هئي، اهو ”آرامي“ ٻوليءَ مان ورتل هو ۽ آرامي ٻولي، سامي لهجن (Dialects) مان هڪ لهجو آهي. ٻيو ته ان کي هڪ خاص خط سان لکيو ويندو هو، جنهن کي ”هوزوارش“ چوندا هئا. هو زوارش جا تقريباً هڪ هزار يا ان کان وڌيڪ لفظ ادبي ۽ غير ادبي تحريرن ۾ موجود آهن.


لفظ پهلويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو