پِچڪارِي

پِچڪارِي: اهو اوزار، جنهن مان پاڻي زور سان لاٽ ڪري نڪري. پچڪاري هوليءَ جي تهوار وقت رنگ هڻڻ لاءِ ڪم ايندي آهي، ننڍيون پچڪاريون عام طرح ڊاڪٽري اوزارن ۾ به شامل آهن. ڪَنَ جي خرابيءَ جي حالت ۾ بعضي ڊاڪٽر ڪَنَ ۾ ڪنهن خاص دوا جي پڃڪاري هڻندا آهن. سُئِي هڻڻ جو اوزار ساڳيو پچڪاريءَ واري اصول تي ٺهيل هوندو آهي. ٻارن کي ڪن، نڪ يا پيٽ جي تڪليف وقت مختلف دوائن جا ڦڙا، ڪن، نڪ يا وات ۾ مخصوص پچڪارين ذريعي وڌا ويندا آهن. پوليو وغيره جا ڦڙا به پچڪارين ذريعي پياريا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو