پڇاڻو

پڇاڻو (ڪتاب): هي ڪتاب ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي مضمونن جو مجموعو آهي. اُهي مضمون ڪامريڊ مير محمد سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي صورتحال بابت لکيا آهن، جن ۾ هن سياسي پارٽين ۽ شخصيتن کان مختلف ڪمن ۽ واقعن بابت سوال پڇيا آهن ۽ عوام کي راهه ڏَسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سياستدان ڇا ڪري رهيا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 64 صفحن تي مشتمل، مير غلام رسول ٽالپر 1996ع ۾ شايع ڪرايو هو. ڪتاب ’پُڇاڻو‘ جو نئون ڇاپو ڪامريڊ جي ٻين مضمونن سميت روشني پبليڪيشن 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو