پڙاڏو

پڙاڏو (Echo): آواز جي موٽ واري گونج کي پڙاڏو چئبو آهي. جڏهن آواز ڪنهن ويجهي شيءِ سان ٽڪرجندو ته اهو جلد موٽ کائي اسان جي ڪنن تائين پهچندو، ان ڪري پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نه ايندو، پر جيڪڏهن آواز کي ٽڪرائڻ کان پوءِ موٽائيندڙ شيءِ گهڻو پري هوندي ته پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ٿو.
شاهه لطيف جو بيت آهي ته:
پـڙاڏو سو سـڏ، ور وائـيءَ جـو جـي لهـين،
هـئا اڳهـيـن گــڏ، ٻُـڌڻ ۾ ٻـه ٿيـــا.
يعني ’پڙاڏو‘ ۽ ’سڏ‘ ٻئي ساڳي ڳالهه آهن، ڇاڪاڻ ته پڙاڏو انهيءَ ساڳئي سڏ جي ورندڙ گونج آهي. اردو/ فارسيءَ ۾ ان کي ’بازگشت‘ چئبو آهي.


لفظ پڙاڏوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو