ٿيسارس

ٿيسارس: هم معنيٰ ۽ متضاد لفظن جي لغت. هي هڪ حوالاجاتي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ساڳي معنيٰ رکندڙ لفظن (۽ مخالف معنيٰ وارن لفظن) کي هڪ هنڌ رکي معنيٰ ڏني ويندي آهي، جنهن ۾ وصفون، اچار ۽ گرامر وغيره به هوندا آهن. ٿيسارس لفظ لاطيني ٻوليءَ جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’خزانو‘. دنيا جي وڏي ۾ وڏي ٿيسارس ’هسٽاريڪل ٿيسارس آف دي آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري‘ آهي، جنهن ۾ 920,000 داخلائون آهن. اهڙي لغت مـوضـوعـاتـي بـه ٿـي سگهـي ٿـي، جيـئـن ’ادبي ٿيسارس‘ يا ٽينيڪل لفظن جي اهڙي لغت۔ دنيا ۾ سڀ کان اول `Philo of Byblos` نالي پهرين ٿيسارس ملي ٿي، جيڪا پهرين صدي عيسويءَ جي چئي وڃي ٿي. ان جو ليکڪ يونان جو لغت دان، هيرينيس فلاٽ هو، جنهن فونينشن (Phoenecian) تاريخ جو مواد گڏ ڪيو هو.
سنسڪرت ۾ اهڙو پهريون ڪتاب ’امرڪوش‘، نظم ۾ لکيل آهي، جيڪو چوٿين صدي عيسويءَ ۾ لکيو ويو هو. اهو هڪ جيني يا ٻوڌي عالم امر سمها تيار ڪيو هو. هي راجا چندر گپت- II (400 صدي عيسويءَ) جي درٻار جي نون رتنن مان هڪ هو. ڪي هن کي ستين صدي عيسويءَ جي راجا وڪرماجيت جي دؤر جو چون ٿا.
هن ڪتاب کي ’ناما-لنگ-انو-ساشن’ به چيو ويندو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’اسمن ۽ جنسن جو اڀياس‘.
چون ٿا ته شري شنڪر آچاريه جگت گرو هن سان ملڻ جي خواهش ڪئي، پر امر سمها کي اچي ڊپ لڳو ته متان گهڻو بحث مباحثو نه ٿئي، ان ڪري پنهنجا سڀ ڪتاب ساڙي ڇڏيائين ۽ جيسين شنڪر آچاريه وٽس پهتو، تيسين سواءِ ’امرڪوش‘ جي سڀ ڪتاب سڙي چڪا هئا.
هن ڪتاب جو چيني ۽ هندستان جي ڪن ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن جو مواد سولو ياد ڪرڻ لاءِ نظم ۾ لکيو ويو، جيڪو ٽن بابن ۾ ورهايل آهي.
سنڌيءَ ۾ پهرين ٿيسارس، هندستان جي سنڌي اديب، تيج ’قابل‘ ڀاڳچنداڻيءَ، ’علم جي کاڻ‘ (سنڌي ٿيسارس) نالي سان 2005ع ۾، گانڌيڌام، ڪڇ مان ڇپائي پڌري ڪئي آهي. هيءَ مختصر صفحن تي مشتمل ٿيسارس، ڊبل ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل آهي، جنهن جو مهاڳ مشهور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر ستيش روهڙا لکيو آهي.
پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌيءَ ۾ هڪ جامع ٿيسارس ڇپائي وڃي.


لفظ ٿيسارسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو