ڀالِوا

ڀالِوا: ھيءُ قديم ڳوٺ ننگر پارڪر تعلقي جي ديهه ’ڍنڍوريءَ‘ ۾ آباد آھي، جيڪو ننگرپارڪر کان 24 ميل اتر طرف، وارياسي علائقي ۾ آھي. هڪ روايت موجب مارئي ھتي ڄائي ھئي. ڀالوا ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر کن اوڀر طرف مارئيءَ جو کوهه ۽ پٿر جي ڪونڊي به موجود آهي، جنهن متعلق روايت آهي ته مارئي ان کوهه مان پاڻي ڪڍي ڪونڊيءَ ۾ وجھندي ھئي ۽ ڇيلڙن کي پياريندي ھئي. هن وقت کوهه جا ڪنارا پڪا ڪري ڪاٺ جي ٻيلنگهن جي جاءِ تي لوهي گرڊر لڳايا ويا آهن ۽ ڪونڊيءَ کي پڪي ٿلهي سان گڏ سيمينٽ جون درزون ڀري ملايو ويو آهي، جنهنڪري کوهه ۽ ڪونڊيءَ جي اصليت ختم ٿي وئي آهي. هن ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول موجود آهي. ھن ڳوٺ ۾ خاصخيلي، ڀيل ۽ ميگھواڙ ذاتيون آباد آهن. ھتي پھريون دفعو 6 مارچ 1967ع تي مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر، سابق وائيس چيئرمئن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۽ سابق ايم. پي. اي جي ڪوشش سان ”مارئيءَ جو ميلو“ لڳو ۽ ٻيو ڀيرو 10 مارچ 1968ع تي ساڳيو ميلو لڳو. انھن ميلن ۾ ادبي ڪانفرنس، ملاکڙي، سئنيما ۽ بجليءَ جو بندوبست ڪيو ويو ھو. مارئيءَ جو ميلو تازو ڪجهه وقت کان ٻيهر سنڌ ثقافت کاتي جي ڪوششن سان مٺي ۽ ڀالوا ۾ منعقد ٿيندو رهندو آهي. ھن ميلي ۾ ٿر جي گھرو ھنرن جو چڱو واپار هلندو آهي. مٺيءَ کان ننگرپارڪر تائين رستي ٺهڻ کان پوءِ وڏي سهولت ٿي وئي آهي. سياح ۽ عام ماڻهو وسڪاري جي رُت ۾ هن تاريخي هنڌ کي ڏسڻ لاءِ گهڻي تعداد ۾ ايندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو