چيهه

چيهه

چيهه

چيهه Lesser Whistling Duck-Dendrocygna Javanica: 42 سينٽي ميٽر جسامت واري چيهه بدڪ جا نر ،ماد هڪجهڙا ٿين ٿا، جن جو ٻچو به وڏي پکيءَ جي مشابهه هوندو آهي. چيهه جي چهنب ٽنگون ۽ پير سرمائي ڪارا ٿين ٿا. هن بدڪ جي چهنب جا مٿيان کنڀ اخروٽي ۽ پرن جي ٻاهرئين ڪناري وٽ اخروٽي چاڪليٽي چٽو هوندو آهي، جيڪو اڏامڻ مهل بلڪل صاف ڏسبو آهي. وڏي ۽ ٻچي جي چوٽيءَ تي ناسي کنڀ ۽ چوٽيءَ کان ڪنڌ تائين ڪاري ليڪ ٿئي ٿي. ڳچي هلڪي ڀوري بادامي هوندي اٿس، پيٽ جا کنڀ هلڪا اخروٽي پڇ هيٺان اڇو پٺيءَ جا کنڀ هيڊا سرمئي ٿين ٿا. جن جون ٻاهريون ڪناريون گولائيءَ ۾ بادامي رنگ جون ٿين ٿيون.
چيهه اڏامڻ مهل هيٺان ۽ مٿان تمام گهري رنگ جي نظر ايندي آهي. ان جو مٿو ۽ ڳچي سرمائي ڀورو ٿئي ٿو. گهري ناسي چوٽي اٿس، جيڪا مٿي جي پاسن کان جدا رنگ جي ٿئي ٿي. اڏامڻ مهل ان جي پڇ جي مٿان روشن اخروٽي ڳاڙهو پٽو ڏسبو آهي. ٻچو وڏي سان گهڻو مشهابهه ٿئي ٿو، پر اندريئن پاسي رنگ ۾ گهٽ چمڪدار ڀورو هوندو اٿس. جسامت ۾ ڳرو آهي، مضبوط اڏار اٿس ۽ پنهنجي نسل جي ٻي جنس Dendrocygna bicolor جي ڀيٽ ۾ گهٽ شور ڪندو آهي. اڏامڻ مهل هن جو آواز هلڪو مستقل ارتعاشي پر ڪنهن ڪنهن مهل ناگوار چيخ جهڙو هوندو آهي. آرام سان ويٺو هوندو ته وي-ي-وي جهڙي هيٺانهين آواز ۾ ٽرانڪ نموني سيٽي وڄائيندو آهي.


لفظ چيههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو