چيچَ

چيچَ

چيچَ

چيچَ: هٿن ۽ پيرن جي آڱرن جي ننڍي آڱر کي ’چيچ‘ چئبو آهي. هٿ جي چيچ ۾ ڇلو پائبو آهي. چيچون موڙي ملائڻ محبت جي نشاني سمجهي ويندي آهي.
محبت مٺا يار، ڪنهن چيچ پائي چوريا.
(جامع سنڌي لغات، جلد 1، ص: 753)
شاهه لطيف جي اوائلي مجازي عشق جي نسبت سان هيٺين سٽ تاريخن ۾ بيان ڪئي وئي آهي:
’جنهن جي چيچ سيد هٿ ۾، تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو.‘
هڪ لوڪ گيت ۾ به چيچ ۽ ڇلي جو ذڪر آهي، جيڪو نامور فنڪار جيجي زرينه هن ريت ڳايو آهي:
ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾،
اديون منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾،
پاتم چيچ ۾ ڙي،
ٿي پيو گهرگهلو ڙي،
ڪري پيو کوهه ۾ ڙي!


لفظ چيچَھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو