جيرو/جگر

جيرو/جگر

جيروجگر

جيرو/جگر: (الف) جيري جي وصف (Definition): جيرو انساني جسم جو مک خودمختيار عضوو (Viscera) آهي ۽ انساني جسم جو وڏي ۾ وڏو غدود Gland) آهي. جيرو رنگ جو ڳاڙهو ناسي ٿئي ٿو. طبعي خاصيت جي حساب سان گهڻو نرم، ترڪڻو ۽ ڦسندڙ ٿئي ٿو. هڪ اندازي موجب هڪ نوجوان عورت ۾ جيري جو وزن 1300 گرام ٿئي ٿو ۽ هڪ نوجوان مرد ۾ جيري جو وزن 1400 گرام ٿئي ٿو (يعني عورت جي جيري جو وزن سوا ڪلو جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو، جڏهن ته مرد جي جيري جو وزن اٽڪل ڏيڍ ڪلو کان ٿورو وڌيڪ ٿئي ٿو. انساني جسم جو هيءُ واحد عضوو آهي، جيڪو ڪنهن به بيماريءَ يا ٻئي ڪنهن سبب ڪري 25 سيڪڙو کان به مٿي جيڪڏهن ڪپي ڪڍي ڇڏجي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ وري ٻيهر واڌ ويجهه ڪري پنهنجي ساڳي حالت ۾ قدرتي ماپ جيترو ٿي ويندو آهي ۽ انهي دوران پنهنجو مڪمل طبعي ڪم به ڪندو رهندو آهي.
(ب) جيري جي بناوت (Structure): (1) جيري جا خانا (Lobes): انساني جسم جو هيءُ ٽڪنڊو (Trangullar) عضوو چئن خانن (Lobes) ۾ ورهايل هوندو آهي. هڪ ساڄي پاسي وارو وڏو خانو، جيڪو خانو ٻين خانن کان وڏو، ڊگهو ۽ مستطيل شڪل جو ٿئي ٿو. ٻيو جيري جي کاٻي پاسي وارو ننڍو خانو، جيڪو ٽڪنڊي شڪل جو لڳ ڀڳ ڪهاڙيءَ جي ڦر وانگي ٿئي ٿو. جيري جا هي ٻئي خانا اڳيان ٿين ٿا، جڏهن ته جيري جا ٻه ننڍا خانا جيري جي پويان ٿين ٿا، تن ٻنهي خانن ۾ ٽيون نمبر خانو چورس شڪل (Quadrate) جو ٿئي ٿو ۽ چوٿون نمبر خانو گهيٽي جي دنب جي شڪل (Caudate) جهڙو گول ۽ مٿي اٿيل (اڀريل) ٿئي ٿو. جيري جو هر هڪ خانو وري تمام گهڻن ننڍن خانن (Labules) ۾ ورهايل ٿئي ٿو، جيڪي سڀئي خانا گڏجي جيري جي فعل کي مڪمل ڪندا آهن. جيري جو هر هڪ خانو لکن جي تعداد ۾ جيري جي جيوگهرڙن (Hepatic Cells) مان جڙي ٿو، جيڪي جيوگهرڙا، جيري جي ڪيميائي ڀڃ گهڙ ۽ ڪيميائي فعل جو بنيادي عنصر آهن.
(2) جيري جي بيهڪ (Location): جيرو پيٽ جي ساڄي پاسي واري ڪل (Hypechondrium) ٿئي ٿو، جيرو ساڄي پاسي واري ڪک کان وٺي پاسي واريءَ ڪک جي طرف پکڙيل ٿئي ٿو. جيري جي کاٻي پاسي واري ننڍي خاني جو گهڻو حصو، جيڪو حصو ٽڪنڊو ڪهاڙيءَ جي ڦر جهڙو ٿئي ٿو، تنهن خاني جو گهڻو حصو پيٽ جي (شڪمي) مشڪي ڇهه (Diaphragm) جي هيٺان اچي وڃي ٿو، باقي سڄي جو سڄو جيرو انساني جسم جي ساڄي پاسي، هڏائين پڃري جي پاسراٽين سان ڍڪيل ٿئي ٿو.
(3) جيري جون ناڙيون (رڳون) (Liver Vessels): جيري جي سڀني قسمن جون ناڙيون (رڳون) جيري جي پوئين حصي مان نڪرنديون به آهن ۽ جيري ۾ داخل به ٿينديون آهن، تنهنڪري جيري جي پوئين حصي کي جيري جو داخلي گهيڙ (Portal Fissure) چئبو آهي. جيري ۾ ڪهڙي قسم جون ناڙيون ٻاهر نڪرن ٿيون ۽ داخل ٿين ٿيون، تن جو تفصيل هن ريت آهي:
(الف) جيري جي رڳ (Hepatic Artry): جيري ۾ هيءَ داخل ٿيندڙ رڳ، شهه رڳ (Aorata) مان انساني هيٺين ڌڙ ڏي ايندڙ رت جي هڪ شاخ آهي، جنهن جي ذريعي جيري کي سڄي جسم لاءِ ملندڙ رت جو 20 سيڪڙو تازو تازو (آڪسيجن وارو) رت ملندو آهي.
(ب) جيري جي نس (Portal Vein): هيءَ نس تريءَ، معدي، لبلبي، ننڍي ۽ وڏي آنڊي، ران جي ڊگهي هڏي (Femure) ۽ پنيءَ جي هڏي (Febula) مان ڪيميائي جزن سان مليل ناقص رت ۽ انهن عضون ۾ ڪتب آيل (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وارو) رت (Venous Blood) ۽ ٻنهي هڏن کان مليل ڪچو رت (پختو رت ٿيڻ لاءِ) کڻي داخل ٿيندي آهي، جيري ۾ گهڻي ڀاڱي رت صاف به ٿيندو آهي، (ان مان ڪيميائي ناقص جزا الڳ به ٿيندا آهن) ۽ رت جا ڪچا جزا پختا به ٿيندا آهن ۽ ٺهندا به آهن. هاڻي ڪيميائي جزن کان صاف ٿيل رت ۽ باقي بچيل ناقص (ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وارو) رت Venous نسن Hepatic Veins جي ذريعي پيٽ جي مشڪي ڇهه (Diaphragm) وٽ، هيٺئين ڌڙ جو ناقص رت دل ڏي کڻي ويندڙ هيٺين ڌڙ جي مک ناڙي (Inflerior) (IVC) Vena Cava سان ملنديون آهن.
(ٻ) تنتي تاندورا (Nerve Fibres): جسم جي تنتي سرشتي جون مددگار تنتون (Sypmathetic Nerves) ۽ ڪجهه مددگار تنتن سان گڏ ساٿي ٿي ٻين ڪيترن قسمن جون تنتون جيري ۾ داخل ٿينديون آهن.
(ڀ) ساڄي ۽ کاٻي پاسي واريون جيري جون ناڙيون (Right & Left Hepatic Ducts): هي ٻئي ناڙيون جيري مان صفرا (Bile) کڻي پتي ڏي وينديون آهن، پر جيڪڏهن پتو آپريشن ڪري ڪڍيو ويو هجي (Chlecystectomy) ته ان صورت ۾ هنن ناڙين جي ذريعي جيرو سنئون سڌو صفرا ننڍي آنڊي جي مهڙ (Duodenum) ۾ خارج ڪندو آهي.
(ت) لعابي ناڙيون (Lymph Vessels): هن قسم جون لعابي ناڙيون جيري مان گهڻن قسمن جا لعاب کڻي پيٽ، سيني ۽ جسم جي مختلف هنڌن جي لعابي ڳوڙهين (Lymphatic Nodes) ڏي وينديون آهن.
(ٻ) جيري جا ڪم (Function of Liver): انساني جسم ۾ جيري جا ننڍا توڙي وڏا لڳ ڀڳ پنج سئو (500) کان مٿي ڀڃ گهڙ جا ڪيميائي ڪم (Metabolisms) آهن. دنيا ۾ ڪا به اهڙي ڪل ايجاد ڪا نه ٿي آهي، جنهن جو ڪو به هڪ پرزو هڪ وقت ۾ پنج سؤ ڪم ڪري سگهي. خود انساني جسم ۾ ٻيو ڪو به اهڙو عضوو (سواءِ دماغ جي) ڪونهي، جيڪو هڪ ئي وقت ۾ پنج سو ڀڃ گهڙ جا ڪيميائي ڪم ڪري سگهي. جيري جا مکيه ڪم هي آهن:
(1) ٻار جڏهن اڃا ماءُ جي پيٽ ۾ ڪچو (ٻار ڦوٽو) (Foetus) هوندو آهي ته سندس مهڙ وارن پنجن مهينن ۾ تري ۽ جيرو ٺهي راس ٿيندا آهن. جيئن ئي تري ۽ جيرو ٺهندا آهن ته ٻار جي رت ٺهڻ جو عمل (Haemopoises) جيري ۽ تريءَ ۾ ٿيندو آهي.
(2) جيرو جسم جي گهڻن عضون مان پهچندڙ ناقص ۽ ڪيميائي جزن سان ڀريل رت کي صاف (Filter) ڪندو آهي.
(3) ننڍي ۽ وڏي آنڊي کاڌي مان جيڪو ڪچو رت ٺهندو آهي، انهيءَ رت ٺهڻ جو عمل جيري ۾ ٿيندو آهي.
(4) ران جي ڊگهي هَڏي (Femur) ۽ پنيءَ جي ڊگهي هڏيءَ (Fibula) ۾ جيڪا ڳاڙهي رنگ جي مک (Bone Marrow) ٺهندي آهي، اها مک اصل ۾ رت جا ڪچا ڳاڙها جزا هوندا آهن، جڏهن رت جا ڪچا ڳاڙها جزا (ڳاڙهي مک) جيري ۾ پهچندا آهن ته جيرو رت جي انهن ڪچن جزن کي رت جا پختا ڳاڙها جزا ٺاهيندو آهي.
(5) جيرو رت جي ناقص ڳاڙهن جزن کي ٻيهر صاف سٿرو ڪري، ڪارائتو بڻائي رت جي دوري ۾ شامل ڪندو آهي.
(6) جيري جي مکيه ڪمن مان هڪ وڏو ڪم ڪاربوهائڊريٽ جي ڪيميائي تبديلي وارو عمل (Carbohydrate Metabolism) آهي، جنهن عمل جي ڪري جسم ۾ گلوڪوز (مٺاڻ) جو گهربل مقدار هڪ ڪرو رهي ٿو.
ماني کائڻ کان پوءِ (جسم ۾) جڏهن مٺاڻ جو گهربل مقدار وڌي ويندو آهي ته ان اضافي مٺاڻ کي جيرو هارمون انسولين (Harmone Insulin) (HI) جي مدد سان گلاءِ ڪو جين (Glycogen) ۾ بدلائي پاڻ وٽ محفوظ ڪندو آهي ۽ پوءِ جڏهن جسم ۾ مٺاڻ جو مقدار گهٽ ٿيندو آهي ته جيرو هارمون گلوڪيجن (Harmone Glucagon) جي مدد سان گلاءِ ڪوجين کي ٻيهر گلوڪوز (مٺاڻ) ۾ بدلائيندو آهي ۽ اهڙو عمل جيرو پاڻمرادي عمل هيٺ (Automatic System) پاڻهي ڪندو رهندو آهي.
(7) چرٻيءَ (سڻڀ: Fat) جي اندروني ڪيميائي تبديلي (Fat Metabolism) ڪرڻ، چرٻيءَ کي پاڻ وٽ جمع ڪرڻ ۽ جسم جي اوڄن (Tissues) کي سگهه ڏيڻ لاءِ گهربل مقدار ۾ چرٻي پهچائڻ جو ڪم ڪندو آهي.
(8) صفرا ٺاهڻ (Bile Making) جيڪو پڻ جيري جي وڏن ڪمن مان هڪ آهي، ياد رهي ته صفرا جي ڪري کاڌي ۾ شامل سڻڀ جي هضم ٿيڻ ۾ مدد ٿئي ٿي ۽ ڪيترائي چرٻيلا (سڻڀا) مادا خارج ۽ هضم ٿين ٿا.
(9) مکيه ڪم پروٽين (Protein) ٺاهڻ، جن مان ڪي پروٽين رت جي ڄمائڻ (Blood Clotting) ۾ مدد ڪن ٿيون.
(10) جيرو اينٽي بايوٽڪ دوائن ۽ ڪيترين زهريلي دوائن جي هاڃيڪار اثرن کي، نشي وارين شين، (اٿنول، الڪوهل جو قسم) جي زهر، ڪوليسٽرول، صفرا جي پٿرين ۽ ڪيترن سخت ڌاتن جي خطرناڪ اثرن کي ناڪاره ڪري ٿو.
(11) جيرو پاڻ وٽ فولاد، ٽامون، وٽامن A، B ۽ D گڏ ڪري رکي ٿو.
(12) جيرو تمام اهم پروٽين ٺاهي ٿو، جيئن البيومين پروٽين جيڪا جيرو رت ۽ بڪين ڏي اماڻي ٿو.
(ڀ) جيري جون بيماريون (Disease of Liver): (1) سائي يرقان (Jaudice): رت جي ڳاڙهن جزن ۽ (R.B.C) ۾ بليربن (Billirubin) جي وڌي وڃڻ ڪري سائي/ يرقان جي بيماري ٿيندي آهي، ياد رهي ته عام طرح سان جيرو بليربن کي رت مان خارج ڪري صفرا جي ذريعي نيڪال ڪري ڇڏيندو آهي، پر جيڪڏهن جيرو بليربن کي رت مان خارج ڪري نه سگهيو ته بليربن هيموگلوبن ۾ شامل ٿي رت جي ڳاڙهن جزن کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن جي ڪري سائي/ يرقان جي بيماري ٿيندي آهي.
(2) ڪاري ڪامڻ (Hepatitis): عام طرح سان هن بيماريءَ کي جيري جي سوڄ چوندا آهن، هيءَ بيماري گهڻين بيمارين جي وائرس جي ڪري، ڪيترين نشي وارين شين جي واپرائڻ ڪري ٿئي ٿي. تنهن کانسواءِ هيءَ موروثي بيماري به آهي، هينئر تائين هن بيماريءَ جا ڪيترا قسم ڳوليا ويا آهن، جيئن A، B، C ۽ E وغيره هن بيماريءَ جي هر هڪ قسم جي ٿيڻ جا الڳ الڳ سبب آهن.
(3) جيري جي جيوگهرڙن جي تباهي (Liver Cirrhosis): جيري جي اوڄن ۾ تاندورا (Fibruos) ٺهڻ ڪري جيري جي اوڄن سان گڏ جيري جي جيوگهرڙن ۾ تباهي اچڻ ڪري جيرو سسي به ويندو آهي ۽ جيرو اندران سخت (پٿر وانگي) ٿي ويندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جيرو پنهنجو قدرتي ڪم ڪري نه سگهندو آهي. هن قسم جي جيري جي اوڄن جي تباهيءَ کي (Liver Cirrhosis) جي بيماري چئبو آهي.
(4) جيري جو وروڌي ڳوڙهو (Liver Abcess): جيري ۾ مختلف قسمن جا زهريلا مادا گڏ ٿيڻ ڪري هن قسم جو وروڌي ڳوڙهو ٺهندو آهي، جن ڳوڙهن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. جيڪڏهن هن بيماريءَ جو ستت علاج نه ڪرائبو ته هن قسم جا ڳوڙها جيري جي ڪينسر ۾ بدلجي ويندا آهن.
(5) جيري ۾ چرٻي ڀرجي وڃڻ (Fatty Liver): هن بيماري جي نالي سان ئي ظاهر آهي ته جيري جي اوڄن ۾ چرٻي ڀرجي ويندي آهي، جنهن جي ڪري جيري جي اوڄن ۾ تباهي ايندي آهي ۽ جيرو پنهنجو صحيح ڪم ڪري نه سگهندو آهي. گهڻي عرصي تائين جيري ۾ چرٻي ڀريل رهڻ جيري جي اوڄن ۾ تاندورن (Fibrous) ٺهڻ جو هڪ سبب بڻجي سگهي ٿي، جنهن جي ڪري جيري جي خطرناڪ بيماري (Liver Crirhosis) اڻٽر بڻجي پوندي آهي.
(6) جيري جو وڌي وڃڻ (Liver Enlargment): جيري جي گهڻين بيمارين جي گهڻي عرصي تائين جيري ۾ قائم رهڻ ڪري جيرو وڌي وڏو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪن بيمارين ڪري جيرو ايترو وڌي وڃي جو سرجن کي جيري جي وڌيل يا خراب حصي جي ڪٽڻ جي (Hepaticectomy) جي ضرورت پوي ته انساني جسم ۾ هيءُ واحد عضوو آهي، جيڪو ٻيهر وڌي اوترو ئي بيهندو آهي، ڪتبو ۽ ڪٽيل جيرو جيترو به بچيل هجي پنهنجو ڪم ڪندو رهندو، هتي اهو به ٻڌائجي ٿو ته جيڪڏهن جيرو ڌڪ لڳڻ ڪري يا ڪنهن بيماريءَ جي زوردار دٻاءَ ڪري ڦاٽي (Burts) پوي ۽ ڦاٽل حصي کي سرجن ٽاڪا هڻي جوڙي ته ان کانپوءِ به جيرو پنهنجو قدرتي ڪم ڪندو رهندو آهي. مريض جيري جي نقص جي ڪري موت جو کاڄ نه بڻبو. مريض ضرور پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪندو آهي.
(7) جيري جو ڪينسر (Hepatic Carcinoma): جيري ۾ ڪينسر ٿيڻ جو سبب گهڻو ڪري ٻين عضون مان ڪينسر جو جيوڙن جي پکڙجڻ (Metastasis) هوندو آهي. ڇو ته ڪينسر ۾ ورتل عضون جي روڳي رت کي صاف ٿيڻ لاءِ جيري مان ئي لنگهڻو پوندو آهي. جڏهن ٻين عضون جو روڳي ۽ ناقص رت، رت جي وهڪري ۽ رت جي ناڙين رستي جيري ۾ صاف ٿيڻ لاءِ پهچندو آهي ته ان رت ۾ شامل ڪينسر جا جيوڙا جيري ۾ به ڪينسر جو مرض پيدا ڪري وجهندا آهن، تنهن کانسواءِ ٻين عضون وانگي جيري جا اوڄا به ڪينسر ۾ وٺجي ويندا آهن. ياد رهي ته جيري جي ڪينسر کي گهڻو ڪري رت جو ڪينسر به چيو ويندو آهي.
(8) جيري جي ناڙين جي تنگي (Hepatic ducts Stenosis): گهڻن سببن جي ڪري جيري جون ناڙيون بند ٿي وينديون آهن، يا وري ناڙين ۾ تنگي ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري جيرو پنهنجو ڪم درست نموني ڪري نه سگهندو آهي ۽ نه رت جي صاف ٿيڻ، نه رت جي ٺهڻ يا صفرا جي ٺهڻ جو عمل ٿي سگهندو آهي، جيڪڏهن رت جي ناڙين ۾ مڪمل بندش ٿي وڃي ته جيرو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. جيرو پنهنجي هنن ناڙين جي ڪري ئي سڀ (پنج سون کان مٿي) ڪيميائي ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه جا عمل ڪري سگهندو آهي.
(9) رت ۾ فولاد جو وڌي وڃڻ (Haemochromatosis): جيري جي هن بيماريءَ ڪري رت ۾ فولاد (Haem) جو مقدار وڌي ويندو آهي، جنهن ڪري جيري جي جيو گهرڙن (Hepatic Cells) کي ڇيهو رسندو آهي ۽ جيرو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. جيري جي هيءَ بيماري گهڻو ڪري ٻن سببن ڪري ٿيندي آهي. هڪ ته ٿئلسيميا جي بيماريءَ ۾ جڏهن ٻارن کي هٿرادو رت ڏنو ويندو آهي، جنهن ڪري رت ۾ فولاد جو گهربل مقدار وڌي ويندو آهي. ٻيو طبع آزما حڪيمن جو هٿرادو ماريل فولاد جو ڪشتو، جنهن جي واپرائڻ سان رت ۾ فولاد جو گهربل مقدار وڌي ويندو آهي ته ان جي ڪري جيري جا جيوگهرڙا ٽٽي پوندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جيرو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي.
(10) ولسن جي بيماري (Wilsons Disease): هيءَ جيري جي اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ رت ۾ ٽامي (Copper) جو گهربل قدرتي مقدار وڌي ويندو آهي ۽ جيري جي جيوگهڙن (Hepatic Cells) کي ڇيهو رسندو آهي، جيري جا جيو گهرڙا ٽٽي پوندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ جيرو پنهنجو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي. ولسن جي بيماريءَ ٿيڻ جا بنيادي ٻه سبب آهن، هڪ موروثي طرح مريض جي رت ۾ ٽامي جو مقدار وڌي وڃڻ، ٻيو سبب جسم جي طاقت وڌائڻ لاءِ حڪيمن جو هٿرادو ماريل ٽامي جو ڪشتو واپرائڻ.
(ت) سنڌ ۾ جيري جي بيمارين ٿيڻ جا سبب: دنيا ۾ جتي ٻين قسمن جون بيماريون ٿين ٿيون اتي جيري جون به بيماريون ٿين ٿيون، پر سرد ملڪن جي مقابلي ۾ گرم ملڪن ۾ جيري جون بيماريون وڌيڪ ٿين ٿيون. جيئن ته سنڌ پڻ دنيا جي گرم پٽيءَ (Tropical Zone) ۾ آهي، تنهنڪري سنڌ ۾ گرمي گهڻي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هتي جيري جون بيماريون ٻين بيمارين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٿين ٿيون. سنڌ ۾ اهي سڀ بيماريون ڪثرت سان موجود آهن. جيڪي مٿي جيري جي بيمارين ۾ ڄاڻايون ويون آهن، پر هينئر موجوده وقت ۾ ڪاري ڪامڻ ’Hepatitis‘ سڀ کان وڌيڪ موجود آهي. ڪاري ڪامڻ جي ٻين سڀني قسمن مان ”B“ ۽ ”C“ ڳاڻاٽي ۾ وڌيڪ ٿئي به ٿي ۽ موجود به آهي. گرميءَ کانسواءِ ٻيا به سبب آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ جيري جون بيماريون عام ٿين ٿيون:
(1) عطائي ڊاڪٽرن ۽ عام فزيشن (GPS) طرفان طاقتور اينٽي بايوٽڪس (Antibiotics) دوائن جو گهڻي مقدار ۾ واهپو ڪرائڻ ڪري ۽ مليريا جي بيماريءَ دوران سخت گرم اثر رکندڙ دوا ڪونين (Quinine) جو گهڻي مقدار ۾ واهپو ڪرائڻ ڪري جيري جي جيوگهرڙن ۽ اوڄن کي سخت نقصان پهچندو آهي ۽ جيري جا جيو گهرڙا ۽ اوڄا ٽٽي پوندا آهن، تنهنڪري جيري ۾ مختلف قسم جون بيماريون ٿينديون آهن.
(2) عطائي ڊاڪٽرن ۽ ڪيترن فزيشن جي ڪمپائوڊرن جي لاپرواهيءَ ڪري استعمال ٿيل ڪينولائون ۽ سيون گهڻن مريضن تي ڪتب ڪرڻ ڪري ڪاري ڪامڻ جي بيماري ٿيندي آهي.
(3) عطائي ڏند سازن کان ڏندن جو علاج ڪرائڻ، خاص ڪري ڏندن ڪڍرائڻ دوران غير معياري، اڻ ڌوتل اوزار ڪتب آڻڻ يا ڪنهن به ڏندن ڪڍڻ جي اوزار کي چڱيءَ طرح گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪائڻ (Sterilization) بغير، جيوڙن کان آجو ڪرڻ کانسواءِ ڪتب آڻڻ ڪري ڪاري ڪامڻ جي بيماري ٿئي ٿي.
(4) ڳورهاري عورتن کي حمل دوران طاقتور فولاد (Iron) جو حد کان وڌيڪ استعمال ۽ خاص قسم جي اينٽي بائيوٽڪ دوائن جو واهپو ڪرائڻ يا گهر وارن ۽ دائين پاران ڳورهاري عورت کي سڻڀ کارائڻ خاص ڪري گيهه، مکڻ ۽ بسري کارائڻ ڪري ڳورهاري عورت کي سائي يرقان ته ٿيندو آهي پر جيڪڏهن پيٽ ۾ ٻار پڪن مهينن جو هجي ته ان کي به سائي يرقان ٿي پوندي آهي ٻار کي سائي يرقان ڄمڻ کان پوءِ به موجود هوندي آهي.
(5) غربت جي ڪري يا لاپرواهيءَ ڪري ڪنهن به بيماريءَ جو علاج اڌ ۾ ڇڏي ڏيڻ ڪري بيماريءَ جا جيوڙا يا وائرس ڀڄي وڃي جيري يا تريءَ ۾ لڪندا آهن. آخر ۾ تريءَ وارا جيوڙا ۽ وائرس به اچي جيري ۾ پهچي يا ته ساڳي بيماري اٿلائي وجهندا آهن يا وري جيري جي اوڄن کي نقصان پهچائي جيري جون مختلف بيماريون پيدا ڪري وجهندا آهن.
(6) سنڌ ۾ هر مرد کي طاقتور ٿيڻ جو وڏو شوق هوندو آهي. ڀلي انهيءَ جي همراهه کي ضرورت هجي يا نه هجي، پر ڪشتو ضرور کائڻو آهي. جيڪي مرد شوق وچان فولاد ۽ ٽامي جي ڪشتن جو واهپو ڪندا آهن، اهي اوَس جيري جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويندا آهن ڇو ته فولاد ۽ ٽامي جو مقدار رت ۾ وڌي وڃڻ ڪري جيري جي اوڄن کي سخت نقصان پهچندو آهـي، جنهنڪـري جـيـري ۾ مخـتلـف قـسـم جـون بيـمـاريـون پيـدا ٿينديون آهن.
(7) سنڌ جا ٻهراڙيءَ جا ماڻهو تلائن، ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ بيٺل پاڻي پيئندا آهن، تنهن کانسوا پاروٿي ماني، ناقص غذا ۽ ڪچو پڪو رڌل کاڌو سنڌ جي ٻهراڙي وارن ماڻهن جو مقدر بڻيل آهي، اهڙي پاڻيءَ ۽ کاڌي ۾ انيڪ قسم جا جيوڙا موجود هوندا آهن، جنهن سان ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي ڪيتريون ئي خطرناڪ، لاعلاج بيماريون ٿي پونديون آهن، انهن بيمارين ۾ گهڻائي جيري جي مختلف بيمارين جي هوندي آهي.
(8) سنڌ جي شهرن جي به ساڳي حالت آهي، واٽر سپلاءِ جو پاڻي جن حوضن ۽ تلائن مان اچي ٿو، اهي هڪ ته اڻ ڍڪيل هوندا آهن ۽ ٻيو ته انهن جي صفائي ڪيتري وقت کان ڪانه ٿيندي آهي، ٽيون ته ڪيتري عرصي کان انهن حوضن ۽ تلائن ۾ پاڻي بيٺل هوندو آهي، اهڙيءَ ريت حوض ۽ تلاءَ انيڪ قسم جي جيوڙن جي پيدا ٿيڻ ۽ پلجڻ جون وڏيون فيڪٽريون آهن ۽ جڏهن اهڙن حوضن ۽ تلائن مان شهري ماڻهن کي پاڻي ڏنو ويندو آهي ته ان پاڻيءَ ۾ ڪا به جيوڙا مار دوا ڪا نه وڌي ويندي آهي، انهيءَ کانسواءِ شهرين ۾ اڻ ڍڪيل شيون کپائين ۽ کائين، گهرن ۾ گهڻي عرصي تائين فرج ۾ کاڌو رکڻ ۽ گهر ۾ صفائي نه هئڻ اهي سڀئي عنصر گڏجي ڪيترن قسمن جي جيوڙن جي پيدا ٿيڻ ۽ جياپي جو ذريعو بڻجندا آهن. ناقص پاڻي پيئڻ ڪري ۽ کاڌي کائڻ ڪري اسان جي شهرن جي ماڻهن کي ڪيتريون مهلڪ بيماريون ٿي پونديون آهن، انهن خطرناڪ، لاعلاج بيمارين ۾ گهڻائي جيري جي مختلف بيمارين جي هوندي آهي.
موجوده وقت ۾ سنڌ ۾ جيڪي به جيري جون بيماريون ٿيون آهن، انهن بيمارين جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ کاڌ خوراڪ آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ دنيا جي اهڙي پٽيءَ ۾ آهي، جتي گرمي گهڻي ٿئي ٿي ۽ گرميءَ جو قدرتي ترياق ڪيلشم آهي، سنڌ ۾ اهڙا کاڌا بالڪل به نٿا واپرايا وڃن، جن ۾ قدرتي ڪيلشم آهي. ان کانسواءِ سڻڀين شين جو گهڻو استعمال ٿئي ٿو. نتيجي ۾ سنڌ جا ماڻهو جيري جي ڪيترين مهلڪ بيمارين جي ور چڙهي ويا آهيون.
(ٿ) جيري جون ليبارٽري ٽيسٽون (Laboratory (Pathological) Tests): سواءِ ليبارٽري ٽيسٽن جي جيري جي بيمارين جو ڪاٿو هڻڻ تمام ڏکيو آهي، تنهن ڪري جيري جي ڪنهن به بيماريءَ جي علاج لاءِ رت جون هيٺيون ٽيسٽون ۽ پيٽ جو الٽراسائونڊ ڪرائڻ ضروري هوندو آهي.
(1) Liver Functional Test (LFT)): رت جي هن ٽيسٽ جي ڪري جيري جي مڪمل فعل جي خبر پوندي آهي ۽ هن ٽيسٽ مان اها به خبر پوندي آهي ته رت ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا ڪيميائي لعاب (Enzymes) موجود آهن، جن جي ڪري مريض کي جيري جي ڪهڙي بيماري ٿي سگهي ٿي. ياد رهي ته هن ٽيسٽ مان سائي/ يرقان هجڻ يا نه هجڻ جي به خبر پوندي آهي.
(2) Hepatitis Virus Test (HVT)): رت جي هن ٽيسٽ مان خبر پوندي آهي ته مريض کي ڪهڙي قسم جي ڪاري ڪامڻ آهي.
(3) Complete Blood Count (CBC))، يا Blood Complete Picture (BCP): هنن ٻنهي ٽيسٽن مان خبر پوندي آهي ته رت جي مختلف جزن جو رت ۾ مقدار ڪيترو موجود آهي، هنن ٽيسٽن مان ڪيترين جيري ۽ رت جي بيمارين جي خبر پوندي آهي.
(4) (Whole Abdomen Ultrasound): سڄي پيٽ جو الٽرا سائونڊ ڪرائڻ کان پوءِ پيٽ جي ٻين عضون سميت جيري جي بيمارين جي خبر پوندي آهي ته جيري يا جيري سان لاڳاپيل عضون ۾ ڪهڙي بيماري آهي.
جيسا: هي ٿرپارڪر ضلعي ۾ رهندڙ سوڍا راجپوتن جي هڪ پاڙي جو نالو آهي، جن جي گهڻائي ڏيپلي شهر کان اولهه طرف سامروٽيءَ واري حصي ۾ رهندي هئي ۽ ان کي جيسا ڀٽي چوندا هئا. ورهاڱي دوران گهڻي تعداد ۾ اهي ڪڇ لڏي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو