چَڻا

چَڻا

چَڻا

چَڻا

چَڻا

چَڻا (Gram/ Cicerarietinum): چڻا مشهور اناج آهي. چڻا ڪڻڪ کانپوءِ ٻئي نمبر تي طاقتور کاڌو آهن. چڻن جي اٽي جي ماني به پچائي کاڌي ويندي آهي. چڻن جي دال به ٿيندي آهي. دال کي پيهين ان مان بيسڻ به تيار ڪبو آهي، جنهن مان ڪيتريون غذائي شيون تيار ڪيون وينديون آهن. چڻن جو داڻو وڏو ٿيندو آهي.
چڻا پوکڻ لاءِ زمين کي ٻه يا ٽي هر ڏئي، سانهر وغيره سان ڀتر ڀڃي، گندگاهه ڪڍي پوک ڪبي آهي. چڻن جي پوکائيءَ وقت زمين نه وڌيڪ ريج واري هئڻ گهرجي ۽ نه ئي بلڪل خشڪ، نه ته ٻج جو ڦوٽهڙو گھٽ ٿيندو. چڻن جو ٻج ناڙيءَ يا ڇٽ رستي پوکبو آهي. سنڌ ۾ چڻن جا هيٺيان قسم پوکجن ٿا:
1. ڏوڪري چڻا (DG-89): چڻن جي جنس جو داڻو وڏو ۽ ناسي رنگ مائل آهي. هيءَ جنس تحقيقاتي مرڪز ڏوڪري ايجاد ڪئي آهي.
2. ڏوڪري چڻا (DG-92): هيءَ جنس هڪ نئين ڪابولي چڻي مان اپائي وئي آهي، جيڪا دالين جي تحقيقاتي مرڪز ڏوڪريءَ ايجاد ڪئي آهي. هن جنس جو داڻو وڏو ۽ اڇي رنگ مائل آهي.
3. ڇولا: هن جنس جو داڻو وڏو ۽ اڇي رنگ مائل هوندو آهي.
4. سنياسي: هن جنس جو داڻو هلڪي ناسي رنگ مائل هوندو آهي.
5. سي 612: هن جنس جو داڻو ڪاري ناسي رنگ مائل هوندو آهي.
چڻا پوکڻ جو صحيح وقت 15 آڪٽوبر کان 20 نومبر تائين آهي، پر چڻن جي جنس ڏوڪري چڻا (DG-89) ڊسمبر جي پهرئين هفتي تائين پوکي سگھجي ٿي. عام طرح اڇا چڻا، ڪارا چڻا، ڳاڙها چڻا، ڪابولي چڻا، چڻن جا خاص قسم آهن. طبي لحاظ کان چڻا ڪيترين ئي بيمارين لاءِ مفيد هوندا آهن. جيئن ته چڻن کي پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي حل ڪري کارائڻ سان جگر ۽ ٻرهيل جا سنڌا، تحليل ٿيندا آهن. چڻا دماغ، معدي ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪن ٿا. نڙيءَ جي جوش کي لاهي، آواز کي صاف ڪري، معدي جي ڪيڙن کي مارين ٿا. سيني جي سور، سلهه ۽ ڦٽن سڪائڻ لاءِ به مفيد آهن. چڻن مان ڪيتريون دوائون به ٺاهيون وينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو