چڪچُڪو

چڪچُڪو

چڪچُڪو

چڪچُڪو (پکي: Paddy Field/ Wanbler): هي خالص ايشيائي پکي آهي، جيڪو سياري جي مند ۾ وچ ايشيا کان هندستان ۽ پاڪستان ڍنڍن تي اچي ٿو. هن جو لاطيني نالو Acrocephalus Agnicola آهي. هي پکي مغرب جي ڍنڍن تي گهٽ ڏسبو آهي. هي پکي وڏي گاهه، ڪانهن، سرن ۽ سارين جي پوکن ۾ رهي ٿو. اتي ئي پنهنجو آکيرو ٺاهي رهندو آهي. هي پکي مند ۾ 4، 5 آنا لاهيندو آهي. هي 13 سينٽي ميٽرن جي ڊيگهه جو پکي جهرڪيءَ کان ننڍو هوندو آهي. هن جي پرن جي پکيڙ 15- 17 سينٽي ميٽرن تائين ٿئي. هي پکي جهرڪيءَ وانگر ٿيندو آهي، پر هن جو پڇ جهرڪيءَ کان ننڍو ٿيندو آهي. چڪچڪي نر کي پڇ جي هيٺان پيلو ٻڙو ٿيندو آهي، جڏهن ته مٿين کنڀن جو رنگ خاڪي ٿيندو اٿس. ان جي مٿان اڇا اڇا چُنا ٿيندا اٿس. پڇ ننڍو ۽ نوڪيلو ٿيندو اٿس. هن جو آواز تکو سيٽيءَ وانگر ٿيندو آهي. ٻين نسل وارن پکين جي مقابلي ۾ آواز ڪمزور اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو