ڊانگھرو1

ڊانگھرو (رڇ جو قسم): هي مڇي مارڻ لاءِ ڪتب ايندڙ رڇ جو هڪ قسم آهي. ملاح ڊانگھري رڇ ذريعي ڪنارن سان مڇي ماريندا آهن. ڊانگھري کي ٻنهي پاسن کان ڪاٺيون ٻڌندا آهن، جن ۾ هڪ همراهه هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي ڪاٺين ۾ هٿ وجھي رڇ کي ڪنهن دُٻي يا ڪناري ۾ ڦيرائيندا آهن. ڊانگھرو ننڍڙي پاڻيءَ ۾ ڦيرائي سگھبو آهي. هي ڏهن فوٽن کان پندرهن فوٽن جو ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو