ڊنبر

ڊنبر: ڊنبر، وڏي يا پراڻي چَڙي کي چئبو آهي، جنهن کي عام طرح ’کرڪو‘ به چيو ويندو آهي. هن چڙي جو آواز، عام چڙن کان ڳرو ۽ بي سُرو ٿيندو آهي. جنهن مينهن جي ڳچيءَ ۾ ٻَڌل هوندو آهي، ان جو آواز پري کان ٻُڌي اندازو لڳائي سگهبو آهي. کرڪو لفظ لطيف سائينءَ به ڪم آندو آهي:
کرڪن خوش ڪيا، ٻيلي پارِ ٻُرن جي! (سُر سهڻي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو