ڊوگري

ڊوگري (Dogri): هيءَ ٻولي ڏوگريالي، ڊوگري، ڊوگري- ڄمون، ڊوگري- ڪانگري، ڊوگري- پهاڙي، ڊونگاري- هندي ۽ ڊوگري- توڪارو به سڏجي ٿي. هن جو واسطو هند- يورپي، هند ايراني، هند-آريائي ۽ اولهه پهاڙي ٻولين جي خاندان سان آهي. ڀاتبيلي، ڊوگري، مشرقي ڊوگري، ڪنڊيالي ۽ اتر ڊوگري هن جا لهجا آهن. هندستان ۽ پاڪستان جي ڪشمير وارن علائقن سميت راوي ندي ۽ چناب جي وچ وارن علائقن، چنديڳڙهه ۽ اولهه بنگال ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي ڊوگر قبيلي جي نسبت سان ڊوگري سڏجي ٿي. ڪجهه وقت اڳ ۾ هن ٻوليءَ کي پنجابيءَ جو لهجو شمار ڪيو ويندو هو، پر هينئر هن کي ڌار ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي. هن قبيلي وارا سنڌ ۾ ڏوگر سڏجن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ فقط سنڌي ٻولي ئي ڳالهائن ٿا. هن قبيلي وارا هماچل ۾ چمبيلي ۽ ڄمون ڪشمير ۾ ڊوگري ڳالهائين ٿا. اڳ ۾ هيءَ ٻولي ٽڪري رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي، جيڪا سرادا لپيءَ مان نڪتل آهي. سرادا لپي هن ٻوليءَ جا پورا اُچار نه ڏنا، جنهنڪري هاڻي هيءَ ٻولي عربي رسم الخط ۾ لکجڻ لڳي. اڳ ۾ هندستان اندر هن ٻوليءَ جي لکت لاءِ ديوناگري خط به استعمال ٿيو هو، پر هينئر هيءَ فارسي، عربي، نستعليق خط ۾ لکي وڃي ٿي.


لفظ ڊوگريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو