ڌاڻا

ڌاڻا

ڌاڻا

ڌاڻا

ڌاڻا

ڌاڻا (Coriander): ڌاڻا اصل ۾ ڏکڻ يورپ ۽ ايشيا ڪوچڪ جي پيداوار آهن. ڌاڻن جو لاطيني نالو ’Coriandrum sativum‘ آهي. ڌاڻا مصر ۽ سوڊان جي ڪجهه علائقن ۾ به ٿين ٿا. ڌاڻن جي ٻوٽي جو قد هڪ فٽ تائين ڊگھو، سڌو ۽ اندران کوکلو هوندو آهي. ڌاڻن جا پن پاڻ ۾ مليل ۽ ڪافي ڪٽيل هوندا آهن. ڌاڻن جا گل ننڍا، گلابي يا اڇي رنگ جا ٿيندا آهن. ڌاڻي جي ٻج جي شڪل سپيءَ جھڙي ٿيندي آهي. رتيءَ کان به ننڍو ۽ گول ٿيندو آهي، جنهن جا ٻه پڙ ٿيندا آهن، جيڪي پاڻ ۾ جڙيل هوندا آهن. ڌاڻا مصالحي طور ٻوڙ ۾ استعمال ڪبا آهن. ڌاڻن مان دوا به تيار ٿيندي آهي. ساوا ۽ سُڪا ڌاڻا مختلف قسمن جي مٺائين ۽ چٽڻين ۾ به استعمال ٿيندا آهن.
ڌاڻن جي ساون پنن کي سلاد طور ڪم آڻبو آهي. طبي لحاظ کان ڌاڻا هاضميدار ٿين ٿا. ان ڪري شربتن ٺاهڻ ۾ به ڪم ايندا آهن. ڌاڻا بحيره روم ۾ قديم زماني کان پوکيا وڃن ٿا. هينئر ڌاڻا يورپ، اتر آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ برصغير ۾ پاڪستان (سنڌ)، هندستان، ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ چين ۾ به وسيع پئماني تي پوکبا آهن.
ڌاڻن ۾ بي انتها غذائي جُزا ٿين ٿا. ڪيميائي تجزيي مطابق ڌاڻن جي هڪ سؤ گرام ۾ 863 سيڪڙو رطوبت 3.3 سيڪڙو پروٽين، 0.6 سيڪڙو چرٻي، 2.3 سيڪڙو معدنيات، 1.2 سيڪڙو وار ۽ 6.3 سيڪڙو ڪاربوهائيڊريٽس ٿين ٿا. معدني حياتين جزن ۾ ڪئلشم، فاسفورس، آئرن، ڪيروٽين، ٿايامين ريبو فلاوين، ناياسين ۽ وٽامن سي ٿئي ٿي. ان کانسواءِ سوڊيم، پوٽيشيم ۽ اوڪسالڪ ايسڊ به موجود ٿين ٿا. ڌاڻن جي غذائي صلاحيت 44 ڪيلريز آهي. ڌاڻن جو ذائقو خوشگوار ٿئي ٿو. ڌاڻن جي ٻج ۾ 11.2 سيڪڙو رطوبت، 14.1 سيڪڙو پروٽين، 16.1 سيڪڙو چرٻي، 4.4 سيڪڙو معدنيات، 32.6 سيڪڙو وار ۽ 21.6 سيڪڙو ڪاربو هائيڊريٽس ٿين ٿا. ان کان سواءِ ڌاڻن ۾ معدني ۽ حياتياتي جزا جهڙوڪ: ڪئلشيم، فاسفورس، آئرن ۽ ڪيروٽين وغيره شامل هوندا آهن.
حڪيمن جو چوڻ آهي ته ڌاڻا رطوبتن جو نيڪال وڌائين ٿا، بخار جي شدت کي گھٽائين ٿا. ڌاڻن جو استعمال ساهه جي نلين مان بلغمي مواد خارج ڪرڻ ۽ تشنجي مرضن لاءِ به فائديمند آهي. ڌاڻن جو جوس وٽامن اي، بي، سي ۽ آئرن جي گهٽتائيءَ کي ختم ڪري ٿو. ڌاڻن جا هڪ يا ٻه چمچا جوس ۽ لسيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان هاضمو درست رهي ٿو. پيچش، هيپاٽائيٽس ۽ السر مان پيدا ٿيندڙ سور ۽ قولنج ختم ڪن ٿا.


لفظ ڌاڻاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو