ڍال1

ڍال: جنگ يا لڙائيءَ وقت تلوار وغيره کان بچاءَ جي هڪ اوزار کي ڍال چئبو آهي، ڍال کي سنڌيءَ ۾ ’سپر‘ ۽ ’کيڙي‘ به چئبو آهي.
- ڍال هڪ مڇيءَ جو قسم به آهي، جيڪا بنا ڇلرن جي ٿيندي آهي. ان کي ڪلين وٽان ٻه ڪنڊا ٿيندا آهن، ان جو قد فوٽ کن ٿيندو آهي ۽ رنگ جي سفيد ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو