ڍال

ڍال

ڍال

ڍال (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ هند جِي نامياري ليکڪا، شاعر ۽ ڪـهـاڻـيـڪار، مايا راهيءَ جو آهي، جنهن ۾ سندس 12 ڪهاڻيون: (1) ڍال، (2) چـوڏســي چـنـــڊ، (3) ڀـاڙيـتـي بـابـلــــي، (4) انجام، (5) قبر ساٿي، (6) مرد آهين ڪين، (7) شمع، پروانو ۽ هوءَ، (8) سـي. ڪـي، (9) انورٽر، (10) اڀـاڳــي ڀــاڳـي، (11) هڪ ڦيٿي گاڏي، (12) موڪش ۽ خوف شامل آهن.
ڪتاب تي ڪو به مهاڳ لکيل نه آهي، جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل تي نامور ڪهاڻيڪار شيام جئسنگهاڻيءَ ’پٺاڻي- مايا راهي‘ عنوان هيٺ لکيو آهي ته:
”سنڌي ادب ۾ ڪن پيدائشي بلوچستانين جي به داخلا آهي، مثلاً: بزرگ گوبند پنجابي، بي مثل هريش واسواڻي، مان (شيام) ۽ منهنجي ديدي مايا راهي، جيڪا رفتار ۾ ڪهاڻيون ۽ ڪويتائون لکڻ ۾ جنبيل آهي.“ سندس ڪهاڻين بابت شيام جئسنگهاڻي رقم طراز آهي ته، ”استري (مايا) ۽ پرش (عورت ۽ مرد) جي رشتن، نفاست، جسماني سٻنڌن ۽ انتر من جي گهيرن ۽ گولاين کي ڇُهندي آهي ۽ اهڙين مرڪب چيزن کي لئبارٽريءَ جي روشنيءَ ۾ تپاس لاءِ به ڇڪي آڻيندي آهي. جڳ پُرسڌ چترڪار وان گوگ جا ڪي يادگار چتر آهن: ڪوئلن جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ، زمين جي تهن ۾ وڃي اجالو ڪري ڪشمڪش ڪرڻ وارن جا، انتظار رهندو جڏهن مايا راهي به ان طرح جي للڪار کي مٺ ۾ قابو ڪندي، اوندهه کي ٽَٽوليندي ۽ هٿ ۾ مشعال هوندس.“ ڊيمي سائيز جي 80 صفحن جو هي ڪتاب، جوالا پبليڪيشن، ٿاڻي (ويسٽ) مهاراشٽر پاران، 2006ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ ڍالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو