ڏور1

ڏور1

ڏور1

ڏور1 (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل آهي. هي لوڪ ادب سلسلي جو پندرهون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٽن صفحن جو مهاڳ ۽ 18 صفحن جو تفصيلي مهاڳ شامل آهي، جنهن ۾ ڏور جي هيئت ۽ معنيٰ، ڏور جي سٽاءَ، ڏور جا قسم، ڏور جي سلسلي جا اصطلاح، ڏور ڪچهريءَ جا قانون ۽ مواد جي سهيڙ ۽ ترتيب وغيره شامل آهي. هي ڪتاب چئن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهريون ڀاڱو ’سوا لک‘، جنهن ۾ حضرت آدم عليه السلام کان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي ڄمڻ تائين بيان ڏنل آهن. انهن بيانن کي ڏور جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڀاڱو ٻيو ’پنجتن‘ جنهن ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ اصحاب سڳورن جا بيان ڏنل آهن ۽ انهن کي ڏورن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڀاڱو ٽيون ’وليت‘، جنهن ۾ اولياء سڳورن جو بيان ڏنل آهي. انهن بيانن کي ڏور جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڀاڱو چوٿون ’قدرت‘ بابت آهي، جنهن ۾ ڌڻي سڳوري جا معجزا بيان ٿيل آهن ۽ انهن کي به ڏورن جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب ۾ 606 صفحا آهن ۽ هن جي قيمت 275 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو