سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
ڇهالي ڪوڏين سان راند (ڇوڪرين جي هڪ راند): ڇوڪريون ڇهالي ۾ ڇهه ڪوڏيون کڻنديون آهن، پر ستالي ۾ ست ڪوڏيون کڻي راند ڪنديون آهن. انهن ۾ هڪ ڪوڏيءَ جا پٺا گسائي ٻه اکيون يا نشان ٺاهينديون آهن. ان ڪوڏيءَ کي ڌوڏر يا دائر يعني داءَ واري ڪوڏي سڏبو آهي. هيءَ راند گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڇوڪريون يا وڌيڪ به کيڏنديون آهن. پهرين ڇهه ئي ڪوڏيون کڙڪائي پٽ تي اڇلي، داءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. داءَ جو مطلب ٿيو ڇهه ئي ڪوڏيون اونڌيون پٽ تي پون. جنهن جون ڪوڏيون اونڌيون پيون، سا دائر ڪوڏي سان ٻين ڪوڏين کي چٽيندي. سڀئي ڪوڏيون چٽجي ويون ته هٿ جي آڱر بند ڪري وري ٻيو ڌڪ اڇليندي، ايستائين جو پنج ئي آڱريون بند ٿيڻ کانپوءِ وري ڌڪ اڇلي ڪوڏيون چُٽي، اهي آڱريون مٺ مان کوليندي، جيڪڏهن چٽڻ ۾ گُٿي ته ٻي ساهيڙي هلندي، پر جي پوريون سڀ ڪوڏيون مٿئين نموني چٽي وئي ته پوءِ هڻندي ڇئنڇڪتر (ڇهه ڇهن خاطر). اهو ڌڪ ڪوڏيون مٿي اڇلي انهن کي هٿ جي پٺ آڏي ڏئي ڇوڪريءَ کان پڇندي ته هاڻي ڪنهن کي چٽيان؟ هوءَ جيڪڏهن ڪوڏين جو ٻٽو جوڙو پيو هوندو ته ٻيون ڪوڏيون کڻي ڇڏيندي، اشارو ڪنديس ته هن ڏکيءَ ويٺل ڪوڏيءَ کي چُٽ! پوءِ جي چٽي وئي ته راند کٽيائين ۽ جي نه چٽ....وڌيڪ پڙهو