چانڊيو نواب شبير احمد خان

سن 1950.11.03 عيسوي ۾ اڳوڻو ايم. اين. اي ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار نواب شبير احمد ولد نواب احمد سلطان چانڊيو، 3 نومبر 1950ع تي ڳوٺ غيبي خان چانڊئي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.


خليل سلطان

سن 1411.11.04 عيسوي ۾ خليل سلطان 17 رجب 814هه/ 4 نومبر 1411ع ۾ وفات ڪئي.


خواجه نظام الدين اولياء

سن 1325.04.03 عيسوي ۾  خواجه صاحب جو وصال جمعي 18 ربيع الثاني 725هه/ 3 اپريل 1325ع تي ٿيو. وفات کان اڳ خادم کي گهر ۾ موجود هر شيءِ فقيرن ۾ ورهائڻ جو حڪم ڏنائين. وصيعت موجب کيس دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني پڙهائي. سلطان محمد تغلق سندس قبر تي عاليشان مقبرو جوڙايو. سندس مزار اڄ به زائرين جي عقيدت جو مرڪز آهي.


دراني آغا عطا محمد

سن 1925.07.27 عيسوي ۾ نامور سياستدان آغا عطا محمد خان ولد خانبهادر جان محمد خان دراني، 27 جولاءِ 1925ع تي سلطان ڪوٽ، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


دولهه دريا خان 1

سن 1520.12.22 عيسوي ۾ دريا خان، اڪيلي سر (فيروز کانسواءِ) لشڪر وٺي جنگ وڙهيو. 11 محرم 9127هه/ 22 ڊسمبر 1520ع تي هلندڙ جنگ ۾ دريا خان وطن جي حفاظت ڪندي، شهادت ماڻي. سندس مقبرو ٺٽي ڀرسان مڪلي ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. سندس قبر جي ڪتبي تي هيئن لکيل آهي ته: ”يا الله هــٰذا مرقدا لمعطر للخان الاعظم شهيد مبارڪ خان ابن سلطان نظام الدين“ [معنيٰ: ”هي معطر مقبرو خان اعظم شهيد مبارڪ خان ولد سلطان نظام الدين جو آهي.“] ان کان سواءِ قبر جي پٿر تي قرآني آيتون پڻ اڪريل آهن.


سلطان حيدر مرزا

سن 1927.09.17 عيسوي ۾ ديني عالم، اديب ۽ شاعر سلطان حيدر مرزا جو تعلق ٽنڊي آغا، حيدرآباد جي علمي، ادبي ۽ مذهبي گھراڻي سان هو. هن 17 سيپٽمبر 1927ع تي جنم ورتو.


سلطان حيدر مرزا

سن 2005.02.06 عيسوي ۾ سلطان حيدر مرزا، 26 ذوالحج 1425هه/ 6 فيبروري 2005ع تي وفات ڪئي.


سلطان بخاري

سن 1965.09.12 عيسوي ۾ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سلطان بخاريءَ، 12 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سيد قطب علي شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


سيد شير شاهه بخاري

سن 2021.05.12 عيسوي ۾ سيد شير شاهه بخاري 12 مئي 2021 ع تي وفات ڪئي.


گل محمد شاهه بخاري

سن 2023.10.25 عيسوي ۾ سيد گل محمد شاهه بخاري 25 آڪٽوبر 2023ع تي وفات ڪئي.


 پوئتي   1   2   3  4  5   6   اڳتي