سيد محبوب علي شاهه1

سن 1902.09.09 عيسوي ۾ سيد محبوب علي ولد سردار علي شاهه بخاري، امرتسر شهر ۾، 9 سيپٽمبر 1902ع تي ڄائو.


الماس سنڌو

سن 1953.05.16 عيسوي ۾ ليکڪا ۽ شاعره الماس سنڌوءَ جو اصل نالو الماس بيگم هو، هوءَ حسن خواجه ۽ مائي نوربانوءَ جي ڌيءَ هئي. سندس جنم 16 مئي 1953ع تي سلطان آباد تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو.


جڙيل شاهه بخاري

سن 1930.08.01 عيسوي ۾ سيد جڙيل شاهه بخاري ولد سيد پيرل شاهه بخاري، پهرين آگسٽ 1930ع تي سهڪجي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.


احمد سلطان کوسو

سن 1964.01.01 عيسوي ۾ احمد سلطان کوسي جو جنم پهرين جنوري 1964ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.


پرتاب نارائڻ داس تنواڻي

سن 1929.04.12 عيسوي ۾ راڳي پرتاب تنواڻي، 12 اپريل 1929ع ۾ سلطان ڪوٽ، تعلقي شڪارپور ۾ ڄائو.


پطرس بخاري

سن 1898.10.01 عيسوي ۾  احمد شاهه ’پطرس‘ بخاري، پهرين آڪٽوبر 1898ع تي پشاور ۾ ڄائو.


پطرس بخاري

سن 1958.12.05 عيسوي ۾ پطرس بخاري 5 ڊسمبر 1958ع تي وفات ڪري ويو. سندس مزار نيويارڪ ۾ آهي.


صحيح بخاري

سن 810.07.24 عيسوي ۾  حديثن بابت مستند ڪتاب ‘صحيح بخاري’ جو مصنف امام ابو عبدالله محمد بن اسماعيل بخاري هو. هي بخارا شهر ۾ 13 شوال المڪرم 194هه/24 جولاءِ 810ع ۾ پيدا ٿيو


عابده سلطان شهزادي

سن 1913.08.28 عيسوي ۾ شهزادي عابده سلطان 28 آگسٽ 1913ع تي ڀوپال ۾ ڄائي.


عابده سلطان شهزادي

سن 2002.05.11 عيسوي ۾  شهزادي عابده سلطان 11 مئي 2002ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڪراچيءَ ۾ آهي.


 پوئتي   1   2   3   4  5  6   اڳتي