تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2025-04-18 عيسوي تاريخ ۾


1765.04.18ع :  مشهور بزرگ خواجه عبدالحئي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي 18 اپريل 1765ع ۾ نوشهري فيروز ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1886.04.18ع :  امداد علي (آءِ آءِ قاضي) 18 اپريل 1886ع ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1901.04.18ع :  حاجي ’حقير‘ ابن مڱڻ خاصخيلي 18 اپريل 1901ع تي ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. مشهور شاعر، اديب ... وڌيڪ پڙهو 1918.04.18ع :  18 اپريل 1918ع تي رتي، بمبئيءَ جي جامع مسجد ۾ پيش امام مولانا نذير احمد خنديءَ جي هٿ تي اسلام قبول ... وڌيڪ پڙهو 1945.04.18ع :  مشهور شاعر، اديب ۽ مترجم غلام حسين رنگريز ولد شفيع محمد کٽي، 18 اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري، ضلعي سج... وڌيڪ پڙهو 1954.04.18ع :  امرڏني مل 18 اپريل 1954ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1958.04.18ع :  شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، صدر جنرل ضياءُ الحق جي هڪ حڪم هيٺ ڪراچي يونيور... وڌيڪ پڙهو 1962.04.18ع :  هن بزرگ 18 اپريل 1962ع تي 80 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1976.04.18ع :  الهه بخش ٽالپر 18 اپريل 1976ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 2019.04.18ع :  ولي محمد ’وفا‘ 18 اپريل 2019ع تي ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** شفيع محمد جمن **

شفيع محمد جمن: سنڌ جي نامياري راڳي شفيع محمد جمن 20 جنوري 1956ع تي ڪراچي شهر جي عثمان ڳوٺ ۾ سنڌ جي مهان راڳي محمد جمن جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خاندان موسيقي سان سلهاڙيل هڪ اهم گھراڻو آهي. هو ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد سان گڏ راڳ جي محفلن ۾ ويندو هو. پوءِ باقاعده راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. شفيع محمد جمن موسيقيءَ جي بنيادي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ باقاعدگيءَ سان استاد ڪرامت علي خان (ربابي) کان راڳ جي سکيا حاصل ڪيائين. سندس تعلق بلوچستان جي لسٻيلي علائقي جي سخيراڻي قبيلي سان هو، پر ڪن روايتن موجب سندس تعلق ڀوتاڻي/ بڪڪ قبيلي جي مڱڻهار گھراڻي سان هو. شفيع محمد جمن ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن جو مشهور گلوڪار هو، سندس آواز ۾ ناز پروڊڪشن پاران 3 عدد آڊيو البم پڻ جاري ٿيا. هن پوري سنڌ سميت لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس ۾ ثمينه ڪنول سان گڏجي شاهه سائين جا سُر پڻ آلاپيا.

شفيع محمد جمن 28 آگسٽ 2002ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گھر ۾ پنهنجي والد ۽ ڏاڏي جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.

....وڌيڪ پڙهو