تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2025-04-20 عيسوي تاريخ ۾


0702.04.20ع :  حضرت امام جعفر صادق عليه السلام 17 ربيع الاول 83 هه/ 20 اپريل 702ع ۾ مديني منور ۾ پيدا ٿيو .... وڌيڪ پڙهو 1923.04.20ع :   نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاهه نقوي، 20 اپريل 1923ع تي ڳوٺ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾... وڌيڪ پڙهو 1938.04.20ع :  برڪت علي چوهاڻ 20 اپريل 1938ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1940.04.20ع :  سياستدان ۽ سماج سڌار ڊاڪٽر ڀاڳچند هرداساڻي، 20 اپريل 1940ع تي ضلعي سانگهڙ جي شهر کڏڙي ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1942.04.20ع :  ٿرپارڪر ضلعي جي نامياري سماج سڌارڪ گوتم راٺيءَ، 20 اپريل 1942ع تي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ چيلهار ۾ ميگهرا... وڌيڪ پڙهو 1948.04.20ع :  بالي ووڊ جي اڳوڻي اداڪاره ۽ ڪپور خاندان جي وڏي ننهن ببيتا ڀنڀاڻي جو جنم 20 اپريل 1948ع تي ممبئي ۾ ٿي... وڌيڪ پڙهو 1952.04.20ع :  نامياري سياستدان، سيد خورشيد احمد شاهه ولد سيد ذوالفقار علي شاهه، 20 اپريل 1952ع تي سکر ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1952.04.20ع :  طارق احمد ولد فضل الله ميمڻ، 20 اپريل 1952ع تي شڪارپور ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1956.04.20ع :  عابده پروين جو جنم لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر پاڙي جي هڪ راڳي گھراڻي ۾، 20 اپريل 1956ع تي ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1960.04.20ع :  پنا لال گهوش 20 اپريل 1960ع ۾ دهليءَ ۾ وفات ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 1973.04.20ع :   چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد، 20 اپريل 1973ع ۾ رکيو ويو... وڌيڪ پڙهو 1974.04.20ع :  ايوب خان: 20 اپريل 1974ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ريحانه ۾ مدفون آهي . ... وڌيڪ پڙهو 1975.04.20ع :  ابوبڪر احمد حليم پروفيسر 20 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ، کيس ڪراچيءَ ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو . ... وڌيڪ پڙهو 1975.04.20ع :  سيد بقادار شاهه، 20 اپريل 1975ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1986.04.20ع :  سيد سبط حسن 20 اپريل 1986ع تي دل جي دوري پوڻ سبب سندس وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هجري تاريخ ۾


1404.08.15ھ: سيد چيزل شاهه، 15 شعبان 1404هه/ 1984ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ٿيليسيميا **

ٿيليسيميا: هن بيماريءَ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي ڏسجي ٿي. قديم زماني ۾ يونان ۾ هي بيماري عام رهي آهي. يوناني طب جي ڪتابن ۾ هن بيماريءَ جو گهڻو حوالو ملي ٿو. بنيادي طرح ٿيلسيميا (Thalassaemia) اکر به يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي. جيڪو لفظ موجوده وقت ۾ ميڊيڪل سائنس ۾ به مروج ٿي ويو آهي. هن يوناني اکر جو ڇيد ڪبو ته ٿيندو “THALASS” ٿلاس لفظ جي معنيٰ آهي سمنڊ ۽ “AEMIA” ايميا معنيٰ ”رت جي وروڌي حالت (Adverse condition of the blood)، جنهن جو مطلب ٿيندو ته ”رت جي تمام گهڻي بگڙيل حالت“. اڄ به هي بيماري يونان ۽ ڀر پاسي وارن ملڪن ۾ عام آهي.

قديم زماني کانپوءِ هيءَ بيماري گهڻي ڀاڱي مصر (Egypt) ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڇو ته مصر جي ممين (Mummies) (مصالحي ۾ محفوظ ٿيل لاشن) جي ڊي. اين. اي (DNA) ٽيسٽن جي جينياتي نقص (Genetic Defect) ۾ به هيءَ بيماري گهڻي ڀاڱي ملي ٿي. اڄ جي ميڊيڪل سائنس جي ماهرن جو اُهو خيال آهي ته قديم زماني ۾ مصر جي ننڍڙن ٻارن جو وقت کان اڳ ۾ موت هن بيماري جي ڪري ٿيندو هو. اڄ به مصر جي مٿين علائقن ۾ هيءَ بيماري گهڻي ڀاڱي موجود آهي.

هينئر به رت جي هيءَ مهلڪ بيماري دنيا جي هر ....وڌيڪ پڙهو