تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** رام سنگهه سوڍو **

رام سنگهه سوڍو: ٿرپارڪر جي نامور سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت، رام سنگهه سوڍي، 16 جنوري 1945ع تي تعلقي ڏيپلي (ضلعي ٿرپارڪر) جي ڳوٺ آروکيءَ ۾ راڻ سنگهه سوڍي جي گھر ۾ جنم ورتو. سندس والد راڻسنگهه جو شمار ٿر جي مشهور سماجي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. رام سنگهه سوڍي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ آروکيءَ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ بي. اي (آنرز) جو امتحان پاس ڪري، جناح لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پيشي جي لحاظ کان وڪيل ٿيو. هن عملي سياست جي شروعات ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر/ ميرپورخاص جي ميمبر جي حيثيت سان ڪئي. هو 1985ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ سنڌ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه جو صلاحڪار مقرر ٿيو. 2001ع کان 2005ع تائين ٿرپارڪر جي ضلعي نائب ناظم طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. 2008ع جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تان اقليتي سيٽ تي ايم. پي. اي منتخب ٿيو. پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ ۽ اقليتي معاملن جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ نوجوانن جي معاملن ۽ راندين جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن به ٿي رهيو آهي.

هن ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود سماجي براين، غلط ريتن رسمن، طبقاتي متڀيد، جھال....وڌيڪ پڙهو