سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
ابڙو شمس الدين: لاڙڪاڻي جو هڪ اهم قانوندان، جنهن پنهنجي وقت ۾ لاڙڪاڻي جي سڀني وڏن وڪيلن تي ڌاڪو ڄمائي رکيو. هي صاحب علامه علي خان ابڙي جو وڏو پٽ هو. هو 1916ع ۾ ميهڙ لڳ ڳوٺ سانگي ۾ ڄائو ۽ پنهنجي والد جي نگرانيءَ ۾ تعليم ورتائين، بعد ۾ هو جوناڳڙهه ۾ پڙهيو، جتي هن جي استادن سندس ذهانت سبب کيس سالن تائين ياد رکيو.
لاڙڪاڻي ۾ ان وقت جا وڏا وڪيل خاص ڪري خانبهادر غلام رسول ڪيهر (جيڪو پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو) سندس گهڻي عزت ڪندو هو. نوجوان وڪيل ذوالفقار علي ڀٽو کيس ’استاد‘ چئي مخاطب ٿيندو هو. ڀٽو صاحب جڏهن ايوب خان جي ڪابينه ۾ هو تڏهن هن ابڙي صاحب کي سفير ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي. هن صاحب پاڪستان ٺهڻ کان اڳ وڪالت شروع ڪئي ۽ ڪامياب فوجداري وڪيل هو. سندس آڏي پڇا جو انداز مشهور هو. اڪثر وڪيل عدالتن کان خاص مهلت وٺي سندس آڏي پڇا ٻڌڻ ويندا هئا. طبيعت ۾ نهٺو ۽ توڪل پسند هو. روزانو شام جو، سندس اوطاق نما آفيس ۾ شهر جا اهم ترين وڪيل سياسي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ جمع ٿيندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ نظام الدين ميمڻ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، عبدالوحيد ڪٽپر، دوست محمد....وڌيڪ پڙهو