سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنڌ بابت پھريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن جا هن وقت تائين 13جلد پڌرا ڪيا ويا آهن، چوڏهون جلد پڻ آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته پھريون جُلد پڻ ٻيھر واڌارن سڌارن سان بائيبل پيپر تي مناسب جلدبنديءَ سان ڇپايو پيو وڃي. 2019ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فاضل جج، جسٽس صلاح الدين پنھور ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي ڇپيل جلدن ۾ ڪجهه غلطين جي نشاندهي ۽ داخلائن جي ترتيب بابت تڏهوڪي سيڪريٽري ثقافت جناب اڪبر لغاري کي عملي طور درستيون ڪرڻ جي هدايتن کانپوءِ اڪبر صاحب جي سربراهيءَ ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جڙيو، جنھن ۾ جناب مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ ڊاڪٽر شير مھراڻي شامل هئا، جن سموري مواد جو مرحليوار جائزو وٺي معزز عدالت کي اداري معرفت رپورٽ پيش ڪئي ۽ جنهن کانپوءِ انهن سڌارن جو ڪم شروع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته لغتن ۽ انسائيڪلوپيڊيائن جو تحقيقي ڪم مستقل هلندڙ ۽ سڌارن جوڳو هوندو آهي، انھيءَ جذبي سان سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هن اهم تاريخي ماخذ کي وڌ کان وڌ مستند بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو پيو اچي. اداري جي قيام (1991ع) کان ئي سن..... وڌيڪ پڙهو
اي جي اُتم: اي جي اتم سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پھرين صف ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس اصل نالو آسن ڄيٺانند اتمچنداڻي هو. هن جو جنم 16 ڊسمبر 1923ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هن ايم.اي (بمبئي يونيورسٽيءَ) مان ڪئي. هي هڪ ئي وقت ڪھاڻيڪار، مقالا نگار، مترجم، صحافي، دانشور، نقاد ۽ محقق رهيو ۽ سنڌي ادب ۾ مارڪسي فڪر جو وڏو پرچارڪ ۽ نقيب هو. پاڻ هندوستان ۾ سنڌي ٻولي، تھذيب ۽ سنڌيت جو وڏو پرچارڪ رهيو، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي ۽ اُتم کي سنڌي ترقي پسند اديبن جي اها ٽمورتي سڏيو ويندو آهي، جن ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي هندوستان ۾ زندہ رکڻ لاءِ هڪ منظم تحريڪ هلائي ۽ سندن ئي ڪوشش سان سنڌي ٻولي هندستان جي آئين جي اٺين شيڊيول ۾ سرڪاري ۽ قومي زبان تسليم ڪئي وئي. اي جي. اتم 42-1941ع ڌاري هڪ ئي وقت ادب ۽ ترقي پسند فڪر جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪيو. ”نئين دنيا ڪتاب گهر“ قائم ڪري جديد ترقي پسند ادب کي ڇپڻ شروع ڪيو ۽ اهو سلسلو ورهاڱي کان پوءِ بہ جاري رکيائين. هن 40 سالن تائين نہ رڳو لڳاتار ”نئين دنيا“ رسالو هلايو، پر نئين دنيا پبليشرز ممبئيءَ پاران ڪيئي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، هن 50 کان وڌيڪ اديبن کي متعارف ڪرايو، هي پھريون ادي....وڌيڪ پڙهو