تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 13جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ جلد چوڏھون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو تہ 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي بہ مواد ۽ تصويرن وغيرہ جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين ، ڊاڪٽر ﷲ رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ تہ 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي وي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سبتڪگين ڊور **

سبتڪگين ڊور: گوادر کان 40 ميلن جي پنڌ تي اتر ڏکڻ ۾ ’سبتڪگين ڊور‘ جا وسيع کنڊر آهن. ميجر موڪلر، انهن کنڊرن کي سڪندراعظم جي زماني جا يادگار سڏيو آهي. ڪرنل ٽي. ايس. ايڇ اولڊيج انهن کي ’مڪران جي وچئين دور جا آثار‘ ڪري لکيو آهي. ان کان سواءِ، ميجر موڪلر کي گوادر جي ڀرسان ’گڻي‘ (Ganni) نالي سان ڪنهن شھر جا کـنڊر مـليا هئا، جتان مـردن جون هڏيون ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ مليا هئا. ڪرنل ٿامس اولڊيج جي تحقيق موجب انهن کنڊرن جو تعلق سميري ڪلدانين سان آهي.

رحيمداد مولائي شيدائيءَ پنھنجي ڪتاب ’بلوچستان جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ‘ ۾ لکيو آهي ته، سبتڪگين ڊور جي دڙي جي اي. موڪلر کوٽائي ڪرائي هئي، جتان پٿر جون ٺهيل ڪي اڏاوتون (ڪوٺيون) مليون هيون. ڪوٺين ۾ ٺڪر جا ٿانوَ ۽ هڪ يوناني باختري دور جو سڪو بہ هٿ لڳو هو. محققن جي راءِ آهي تہ هي آثار انهيءَ دراوڙي قوم جا آهن، جيڪا ڪلديز مان لڏي بلوچستان ۾ داخل ٿي هئي، ۽ پوءِ وري هتان نڪري مُهين جي دڙي جي اڏاوت ۾ حصو ورتائين. هنن آثارن مان سندن زبان بابت ڪجهہ ڄاڻ ملي، جيڪا ڪرد گالي زبان سان ملندڙ جلندڙ آهي. ڪردگالي براهوي زبان جو هڪ لهجو آهي.

....وڌيڪ پڙهو