آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر:پاڪستان جو ناميارو ائٽمي ۽ ڪيميائي سائنسدان، ڊاڪٽر آئي. ايڇ عثماني، 15 اپريل 1917ع تي ڄائو. سندس اصلي نالو عشرت حسين عثماني هو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ايس سي ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙھہ مان ايم. ايس. سي ڪرڻ کان پوءِ، 1940ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان، نوبل انعام يافتہ سائنسدان ڊاڪٽر جي. پي. ٿامسن جي نگرانيءَ ۾، ائٽمي طبعيات ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1942ع ۾ هندستان جي سول سروس ۾ شامل ٿي، مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. ورهاڱي وقت لڏي پاڪستان هليو آيو. هتي پاڪستان ۾ 1950ع کان 1955ع تائين هو. درآمدات ۽ برآمدات جو چيف ڪنٽرولر رهيو. بعد ۾ 1958ع تائين مغربي پاڪستان ۾ صنعت کاتي ۾ ڊائريڪٽر رهيو. 1960ع کان 1971ع تائين پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين رهيو. ان حيثيت ۾ هن تمام وڏا ڪم ڪيا. سندس پهريون وڏو ڪم طب، رياضيءَ، ڪيميا ۽ ٻين شعبن جي 500 ماهرن کي ترقي يافتہ ملڪن ۾، اعليٰ تحقيق ۽ تربيت لاءِ موڪلڻ هو. اسلام آباد ويجهو نيلور ۾ ’پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ‘ جو بنياد وڌائين. ڪراچيءَ ۾ 137ميگاواٽ جو نيوڪليئر پاور ري ائڪٽر نصب ڪيائين. زراعت ۽ حياتيات جو ادارو، فيصل آباد ۾ قائم ڪرڻ جو جس بہ کيس ئي حاصل آهي. زراعت، صنعت، معدنيات ۽ طب جي شعبن ۾ جوهري توانائيءَ جا تحقيقي مرڪز، ڪراچيءَ، لاهور، فيصل آباد ۽ ٽنڊي ڄام ۾ قائم ڪيائين. 1973ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ هو، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وزارتن ۾ سيڪريٽري بہ رهيو. ان وچ ۾ ”سائنس فائونڊيشن'>پاڪستان سائنس فائونڊيشن“ جي تشڪيل پڻ ڪيائين. سندس ڪم جي مڃتا طور کيس ’ستارہ امتياز‘ پڻ ڏنو ويو. پاڻ گهڻو وقت گڏيل قومن جي مختلف بورڊن ۽ ڪميشن ۾ رهيو. ڊاڪٽر آئي. ايڇ عثماني 18 جون 1992ع تي وفات ڪري ويو.
1917.04.15 عيسوي
پاڪستان جو ناميارو ائٽمي ۽ ڪيميائي سائنسدان، ڊاڪٽر آئي. ايڇ عثماني، 15 اپريل 1917ع تي ڄائو.
1992.06.18 عيسوي
ڊاڪٽر آئي. ايڇ عثماني 18 جون 1992ع تي وفات ڪري ويو.