آءِ ايڇ ٽانٽن

آءِ ايڇ ٽانٽن: مسٽر آءِ. ايڇ. ٽانٽن رياست خيرپور جو پھريون انگريز وزير هو. جڏهن مير علي نواز خان وٽ ڪائونسل ڪامياب نہ ٿي سگهي، تڏهن وزير جي گهر ڪيائين. 1930ع ۾ انگريزن ٽانٽن کي وزير ڪري موڪليو. هو سنڌي زبان بہ ڄاڻندو هو. اچڻ سان مير صاحب کي پنهنجو ڪري ويو ۽ ٻہ سال کن رياست ۾ رهي، ڪجهہ سڌارا آندائين. ٻن سالن کان پوءِ مير صاحب جي نااتفاقيءَ سبب 1932ع ۾ استعيفيٰ ڏئي هليو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو