آئزن هاور

آئزن هاور

آئزن هاور

آئزن هاور (Eisenhower ):آئزن هاور آمريڪي جنرل ۽ مدبر، آمريڪا جو چوٽيهون صدر رهيو. هو 1890ع ۾ ڊيني من (ٽيڪساس) ۾ پيدا ٿيو. 1915ع ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيو. ٻي جنگ عظيم شروع ٿي تہ آمريڪي چيف آف اسٽاف، جنرل مارشل جي آفيس ۾ برگيڊيئر جنرل جي حيثيت سان جنگي منصوبه بنديءَ جو سربراھہ مقرر ڪيو ويو. جون 1942ع ۾ يورپ ۾ آمريڪي فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو. نومبر 1942ع ۾ اتر آفريڪا تي اتحادي فوجن جي حملي جي اڳواڻي ڪئي. جنوري 1943ع ۾ مغربي يورپ ۾ اتحادي فوج جو سپريم ڪمانڊر بڻايو ويو. 1944ع ۾ جنرل جي عهدي تي فائز رهيو. 6 جون 1946ع ۾ فرانس تي حملو ڪيائين ۽ پوءِ وري مغربي يورپ ۽ جرمنيءَ تي حملن جي ڪمان سنڀاليائين. 1945ع کان 1948ع تائين آمريڪي فوج جو چيف آف اسٽاف رهيو. ان کانپوءِ رٽائرڊ ٿي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ جو صدر ٿيو. 1951ع ۾ نيٽو فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو. 1952ع ۾ ري پبلڪن پارٽيءَ طرفان صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. 1956ع ۾ ٻيهر صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتائين ۽ پنھنجي مخالف ايڊلائي سيٽونسن کي ٻيو ڀيرو شڪست ڏئي صدر چونڊجي ويو. 1961ع ۾ سياست تان رٽائرمينٽ ڪيائين. آئزن هاور ويٽنام ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جو زبردست حامي هو. هو 1969ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ آئزن هاورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.00.00  عيسوي

آئزن هاور 1890ع ۾ ڊيني من ( ٽيڪساس ) ۾ پيدا ٿيو


1969.00.00  عيسوي

آئزن هاور 1969ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو حيدر خان
تنيو نذير احمد
ڌرمپال اگروال
ڪالو فقير
پير پٺو
سڪندر عباسي
غلام حيدر شاھہ
ڄام مھر علي جوکيو
آنند هندوجا
الف شاھہ شھيد ۽ مست علي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون