آئلسنگاڻي

آئلسنگاڻي: نک (تلريجا ):اصل اروڙنسي آهي. هيءُ بندئي سک آهن. راجا رنجيت سنگهہ جي وقت ۾ پنجاب جي ڪن سنگهہ اڪالين ۽ هنن بندئي سکن جي وچ ۾ اڻبڻت ٿي تہ سندن وڏو ڏاڏو لڇمڻ سنگهہ پنجاب مان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ لاڙڪاڻي کان اڍائي ڪوھہ کن پري نائچن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. کيس چار پٽ هئا. آئل سنگهہ، گربخش سنگهہ، هريسنگهہ ۽ گرڏنو سنگهہ، جن مان آئل سنگهہ جي نالي پٺيان هي ”آئلسنگاڻي“ سڏجن ٿا. نائچن ۾ وڌيا ويجهيا تہ اتي سندن هڪ سئو کن گهر ٿيا، پوءِ ڪي لڏي لاڙڪاڻي ويا ۽ ڪي ٻين هنڌ نوڪرين ۾ آهن. هن وقت تائين نائچن ۾ سندن چاليھہ کن گهر آهن. اڪثر زمينداري ڪندا آهن، پر ڪي نوڪرين ۾ بہ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو