آئن اسٽائن

آئن اسٽائن

آئن اسٽائن البرٽ

آئن اسٽائن البرٽ: 20 صديءَ جو عظيم نوبل انعام يافتہ سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن 14 مارچ 1879ع ۾ جرمنيءَ جي ’اُلم‘ (Ulm)شھر ۾ ڄائو. هو يهودي مذهب سان تعلق رکندڙ هو. هن پنھنجي ابتدائي تعليم جمنازيئم اسڪول مان ورتي. هن نصابي تعليم سان گڏ موسيقيءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 26 سالن جي عمر ۾ گورنمينٽ جي ڪنهن اداري ۾ ڪلارڪ ٿيو، پر تخليقي صلاحيتن هئڻ ڪري، اهو ڪم پسند نہ آيس. سندس چوڻ موجب ”ڪلرڪيءَ ۽ موچڪي ڪم ۾ ڪو فرق نہ آهي“. ملازمت دوران ئي هن فزڪس جي موضوع تي سائنس مئگزين جي مختلف ايڊيشنن ۾ مضمون لکيا ۽ فزڪس متعلق اهڙا انڪشاف ڪيا، جن سائنسي تحقيقات جو رُخ بدلائي ڇڏيو. هن روشنيءَ کي توانائيءَ جي شڪل قرار ڏنو، جيڪا ڳالھہ اڳ ۾ ڪڏهن بہ ڪنهن ائين ثابت نہ ڪئي هئي. هن اهو ثابت ڪيو تہ روشني هميشہ لهرن جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي. آئن اسٽائن روشنيءَ جي رفتار ۽ رُخ متعلق جيڪي نظريا پيش ڪيا، اهي ئي سندس بنيادي سڃاڻپ بنيا. 1905 ع ۾ پنهنجو مشھور ”اضافت جو نظريو“ پيش ڪيائين. 1909ع ۾ آئن اسٽائن کي زيورچ يونيورسٽيءَ ۾ غير معمولي پروفيسر جو عهدو ڏنو ويو. ڪجهہ وقت پراگ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهيو. 1913ع ۾ هن کي فزيڪل انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آئن اسٽائن اهو اڪيلو سائنسدان آهي، جنهن فزڪس جو بھترين نظريو (theory) پيش ڪيو ۽ ملندڙ انعام (5000 آمريڪي ڊالر) وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آئن اسٽائن فزڪس کان سواءِ ڪيمسٽريءَ جو بہ ماهر هو. انهيءَ علم ۾ هن مادي کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو نظريو دريافت ڪيو. سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيمسٽريءَ جي دريافت ڪيل 99 عنصرن جو نالو آئن اسٽائن جي نالي تي ’آئن اسٽلائم‘ رکيو ويو. 1922ع ۾ هن کي فزڪس تي نوبل انعام مليو.
آئن اسٽائن يهودي هئڻ جي باوجود هڪ آزاد خيال انسان هو ۽ ٻئي طرف کيس پوري دنيا ۾ شھرت ملي رهي هئي، برلن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ئي هو تہ 1923ع ۾ جرمنيءَ تي نازي پارٽيءَ جو قبضو ٿيو. جرمنيءَ جي بنياد پرست ماڻهن سندس مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. نازين هن جي جائداد ۽ يونيورسٽيءَ واري نوڪريءَ سان گڏ جرمنيءَ جي شھريت بہ ختم ڪري ڇڏي. آخر آئن اسٽائن جرمنيءَ کي الوداع چئي، آمريڪا جي شھر نيوجرسيءَ جي شھر پرنسٽن (USA) ۾ وڃي رهيو.
1939ع ۾ هن آمريڪا جي صدر روزويلٽ کي هڪ خفيہ خط لکيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو تہ ائٽم بم ڪيئن تيار ڪيو وڃي. 1940ع ۾ آئن اسٽائن کي آمريڪا جي خاص قانون مطابق ’آمريڪي مڃتا‘ ڏني وئي. جلد ئي کيس مئٿميٽڪس (علم رياضيءَ) جي اداري جو سربراھہ مقرر ڪيو ويو. 1950ع ۾ هن unified field وارو نظريو پيش ڪيو. ”مادي جي طاقت ۾ تبديليءَ“ واري عمل جي نتيجي ۾ ائٽم بم ٺهيو. 6 آگسٽ 1945ع تي ان کي جپان جي شھر ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو، جنهن ۾ 60 هزار ماڻهو مُئا ۽ هڪ لک انسان زخمي ٿيا. هن دردناڪ واقعي تي آئن اسٽائن کي زبردست ڏک پهتو، هن کي اها توقع هئي تہ ائٽمي توانائيءَ کي انساني بهتريءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو. 1952ع ۾ آئن اسٽائن کي اسرائيل جي صدارت جي پيشڪش ڪئي وئي، پر هن اها قبول نہ ڪئي.
آئن اسٽائن ويهين صديءَ جو وڏو ذهين انسان هو. ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي چوڻ موجب: ”سڄي دنيا وارن جا دماغ هڪ طرف ۽ آئن اسٽائن جو دماغ ٻئي طرف“. بقول شيخ اياز: ”ڪروڙين هٽلر گڏ ٿين، تڏهن بہ آئن اسٽائن جهڙو دماغ پيدا نہ ڪري سگهندا.“ آئن اسٽائن جا نظريا اڄڪلھہ جا سائنسدان پاڻ لاءِ مشعل راھہ سمجهندا آهن ۽ انهيءَ بنياد تي ئي فزڪس ۾ نوان تجربا ڪيا پيا وڃن. هن 18 اپريل 1955ع تي آمريڪا جي پرنسٽن شھر ۾ وفات ڪئي.
wikipedia http://en.wikipedia.org/wiki/Albert_Einstein


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1879.03.14  عيسوي

آئن اسٽائن البرٽ: 20 صديءَ جو عظيم نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن 14 مارچ 1879ع ۾ جرمنيءَ جي ’ اُلم ‘ ( Ulm ) شهر ۾ ڄائو .


1922.00.00  عيسوي

1922ع ۾ هن کي فزڪس تي نوبل انعام مليو .


1905.00.00  عيسوي

1905 ع ۾ پنهنجو مشهور ” اضافت جو نظريو “ پيش ڪيائين .


1945.08.06  عيسوي

6 آگسٽ 1945ع تي ان کي جپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو ،


1955.04.18  عيسوي

هن 18 اپريل 1955ع تي آمريڪا جي پرنسٽن شهر ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالفتح ٺٽوي
درويش شاھہ
آدم شاھہ ڪلهوڙو
شاڪر عباس سمراٽ
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي اول
زاهد صديقي
جمال خاتون بيبي سيوستاني
رئيس امام بخش
طاهر محمد نسياني مير
چنا محمد عالم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون